ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13647   ڀيرا پڙهيو ويو

آمريڪن وائر هيئر American wire hair


هن ٻليءَ جو شمار آمريڪا جي پالتو ٻلين ۾ ٿئي ٿو. سندس اصل وطن آمريڪا جي هڪ رياست نيويارڪ آهي. هي “Rex” ٻلين جي خار آهي. هن ٻليءَ جا وار تار يا (wire) وانگر ۽ کهرا ٿين ٿا، جنهنڪري کيس (Wirehair) ”تار جهڙن وارن واري ٻلي“ چيو وڃي ٿو. قدبت ۾ هي آمريڪن شارٿيئر جيتري ٿئي ٿي. پر سندس جسم ڪجهه ڊگهو، مٿو، اکيون وڏيون ۽ چمڪڻيون ٿين ٿيون. سندس جسم جي ٻُر گهاٽي ٿئي، جڏهن ته کل تمام گهڻي ترڪڻي ۽ تيل هاڻي ٿيندي آهي، جنهنڪري پاڻي مٿس   ناهي بيهندو. ٿوري گهڻي فرق سان هن ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، پر ڪارو، اڇو ۽ ڳاڙهو وڌيڪ مشهور آهن.

آمريڪي وائر هيئر جي نر جو وزن 5 کان 7 ڪلو گرام جڏهن ته ماديءَ جو وزن 4 کان 6 ڪلوگرام ٿيندو آهي.

هي ٻلي آمريڪي شارٿيئر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چست، ڀڙ ۽ کيڏاري آهي. انڪري ماڻهن، ٻارن ۽ ٻين پالتو جانورن سان کيڏڻ ۾ کيس گهڻو مزو اچي ٿو. هي پنهنجي مالڪ ۽ ان جي گهر ڀاتين سان بيحد گهڻو لڳاءُ رکي ٿي، ان ڪري گهر ۾ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڀاتيءَ جي پويان پئي هلندي آهي.  آمريڪي وائر هيئر ذهين، هوشيار ۽ وفادار ٻلي آهي، منجهس فرمانبرداري ۽ حليمت به گهڻي آهي.. ان ڪري منجهس ساڙ يا عدم برداشت جهڙي ڪا اخلاقي بيماري پڻ نه آهي. ٻين پالتو جانورن سان هن جو ورتاءُ هميشه پنهنجائپ وارو ۽ دوستاڻو هوندو آهي.

آمريڪي وائر هيئر هڪ پيٽ تي 2 کان 6 ٻچا ڄڻي ٿي، جيڪي 3 کان 4 سالن ۾ بالغ ٿي وڃن ٿا. هن ٻليءَ جي عمر 15 کان 20 سال ٿيندي آهي.