ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13716   ڀيرا پڙهيو ويو

پالا ٻلي Palla Cat


يورپ جي ڏکڻ اوڀر ۽ وچ ايشيائي ملڪن ۾ هن ٻليءَ کي ”ميداني ٻلي“ (Steppe cat) چيو ويندو آهي. رنگ ۽ شڪل شبيهه جي لحاظ کان دنيا ۾ پالا ٻليءَ جا ٻه قسم آهن، جن کي ”ڪاري پالا ٻلي“ (Black Palla cat) ۽ ”ڀوري پالا ٻلي“  (Brown palla cat) چيو ويندو آهي.

هي جهنگلي ٻلي آهي، ۽ قدبت ۾ اسان جي پالتو ٻليءَ جيتري ٿئي ٿي. سندس ڪن ننڍا ۽ گول هوندا آهن ۽ انهن جي پٺ ڳاڙهي سليٽي رنگ جي ٿيندي آهي. مٿو گول ۽ ويڪرو، جنهن تي وڏا وار ٿيندا آهن.  پالا ٻليءَ جون اکيون اڇي رنگ جون ٿين، جن ۾ ڀوري زرد ۽ ڳاڙهي زرد رنگ جي جهلڪ نظر ايندي آهي. اکين جي ڪنڊن کان هڪ ڪاري ڌار ٻاهر نڪتل نظر ايندي  آهي ۽  جسم تي هلڪي ڪاري رنگ جا چار اُڀا پٽا ڌڙ کان ڪلهن تائين پڌرا بيٺا هوندا آهن. پڇ ٿلهو ۽ ان جي چوٽي ڪاري رنگ جي ڇڳيدار هوندي آهي. جنهن جي چوٽي کان اڌ پڇ تائين ڪارا ڇلا هوندا آهن. جسم جي ڀيٽ ۾ پالا ٻليءَ جون ٽنگون ننڍيون ٿين ٿيون. جسم تي وڏن ۽ گهاٽن وارن سبب هي ٻلي وڏي لڳندي آهي. اِها ٻُر کيس سيءُ کان بچاءُ جو ڪم ڏيندي آهي.

ڪاري پالا ٻليءَ جي سر کان ڌڙ تائين ڊيگهه 21 انچ ۽ ڀوري پالا ٻلي  25 انچ ڊگهي ٿيندي آهي.

پالا ٻليءَ جو آواز ڪتي جي ڀؤنڪ ۽ چٻري جي چيخ سان ملندڙ جلندڙ ٿيندو آهي. پر اهڙو آواز هوءَ ورلي ڪڍندي آهي، ڇو ته هو پنهنجي فطرت ۾ خاموش ٻلي آهي. هن قسم جون ٻليون، جيڪي راڻي باغ وغيره ۾ رکيون ويون آهن، انهن کي ماڻهن کان خوف نه ٿيندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاليندڙ تي حملو ڪري ڏينديون آهن.

پالا ٻلي گوشت خور جانور آهي، جهنگ ۾ شڪار لاءِ اڪثر رات جو نڪرندي آهي. سندس خوراڪ ۾ گهڻي ڀاڱي پکي، ننڍا جانور ۽ ٿڌن علائقن جي هڪ مڇي ”پائڪا“ (Pika) شامل آهن.

هي ٻلي هڪڙي پيٽ تي 2 کان 5 ٻچا ڏي ٿي. پاڪستان ۾ هي ٻلي اترين ٿڌن علائقن ڪوهه مري، اسڪردو، گلگت، هنزه ۽ چترال کان سواءِ بلوچستان جي زيارت وارن علائقن ۾ پڻ رهي ٿي، جڏهن ته پاڪستان کان ٻاهر هندستان، تبت، چين ۽ افغانستان ۾ ملي ٿي.