ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13641   ڀيرا پڙهيو ويو

اباءِ سينين (Abyssinian)


اباءِ سينين جو شمار قديم نسل جي ٻلين ۾ ٿئي ٿو. هن ٻليءَ جو اصل وطن مصر آهي. مصر جي قديم عمارتن جي ڀتين تي سندس تصوير اڪريل آهي، اهي تصويري اهڃاڻ ٻڌائين ٿا ته شايد هي ٻلي قديم مصر ۾ ديوتا جو درجو رکندي هئي ۽ ماڻهو کانئس ڊڄندا هئا. هي ٻليءَ جو اهو نسل آهي، جيڪو اڄ به دنيا ۾ موجود آهي. هي ڏاڍي خاموش ۽ ذهين ٻلي آهي. اباءِ سينين اصل ۾  جهنگلي ٻلي هئي، جنهن کي پهريون دفعو انسانن پالڻ شروع ڪيو. هن ٻليءَ جون حرڪتون ڏاڍيون سٺيون ٿين ٿيون، ان ڪري گهرن ۾ کيس وڏي چاهه سان پاليو ويندو آهي. هي ٻلي اصل ۾ ته مصر جي آهي، پر ڪنهن وقت ۾ برطانيا جا فوجي کيس مصر مان برطانيا کڻي ويا هئا،  جنهن ڪري سندس نسل سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو، پر ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هي ٻلي اصل ۾ اٿوپيا جي  آهي، ته ڪي وري ان خيال جا آهن ته هي اصل  هندستان جي ساحلي ٻلي آهي. بهرحال ڪجهه به هجي پر اڄڪلهه هي  مصري ٻليءَ طور مشهور آهي. اباءِ سينين هڪ وچولي قسم جي ٻلي آهي. سندس  سراسري ڊيگهه 2 فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿئي ٿو. هن ٻليءَ جو رنگ پيلو بادامي، ڳاڙهو، نيرو يا وري سليٽي ٿيندو آهي، جڏهن ته اکيون سونهري سايون ٿين ٿيون. اباءِ سينين جي نر جو مٿو وڏو، گول، ڄاڙي گول،  ننڍي ۽ ڄاڙيءَ هيٺان ماس پيو لڙڪندو آهي.  سندس ڪن وڏا، اڀا ۽ نوڪدار ٿين، نڪ سنهون، مڇون وڏيون، چنبا وڏا ۽ سڌا، ٽنگون وچوليون ۽ ماسيريون ٿينديون آهن، جڏهن ته پڇ ٻُر وارو ۽ پڇ جي چوٽي سليٽي رنگ جي ٿئي ٿي. سندس ڪجهه قسمن جون اکيون وڏيون ۽ بادام جهڙيون گول ۽ ڄاڙي ۽ ڳچيءَ جو ڪجهه حصو اڇي ٻُر وارو ٿيندو آهي.  اباءِ سينين جي ٻُر ٿلهي، گهاٽي، ننڍي ۽ لچڪيدار سهي جهڙي، پر گهڻي نرم نه هوندي آهي. اباءِ سينين جي مادي نر جي ڀيٽ ۾ ڪجهه هلڪي ٿئي ٿي.

هي ٻلي گوڙ ڪا نه ڪري، تمام ٿڌي مزاج واري ۽ چست آهي، جنهن ڪري هميشه پئي کيڏندي آهي. ٻار ساڻس راند کيڏندي گهڻو خوش ٿين ٿا. هي سماجي  وهنوار رکندڙ ٻلي آهي، جنهن ڪري ماڻهو کيس پيار ڪن ٿا. سندس آواز هلڪو ۽ ڪشش وارو ٿئي ٿو. هي ٻلي پنهنجا وار ڇاڻيندي رهندي آهي. ان ڪري آمريڪا ۽ يورپ ۾ کيس روزانو شيمپو سان وهنجاريو ويندو آهي. شارٿيئر نسل جي هي ٻلي آمريڪا ۾ تمام گهڻي مشهور آهي. هي  هوشيار، خبردار ۽ کيڏڻ واري ٻلي آهي، ان کان سواءِ حد درجي جي وفادار پڻ آهي ۽ پالتو ٻلين ۾ سڀني  کان چست  آهي. اباءِ سينين پنهنجي مالڪ ۽ گهر ڀاتين سان اهڙي هري وڃي ٿي جو ڄڻ اُن گهر جي ڀاتي هجي، ان خوبيءَ سبب برطانيا ۾ سندس نسل راني ڪئي وڃي ٿي. ڪن ملڪن ۾ گهرن اندر پڻ هن جي نسل راني  ڪئي ويندي آهي. پالتو هجڻ سبب هن ٻليءَ جو سٺو وڪرو ٿئي ٿو  ۽ سندس هڪ ٻچو 300 کان 400 ڊالرن ۾ وڪامي ٿو، ڪي ٻچا ته 900 ڊالرن ۾ به وڪامن ٿا.

اباءِ سينين ٻلي هڪ پيٽ تي 4 کان 6 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ 13 کان 20 سال حياتي ماڻي ٿي