ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13643   ڀيرا پڙهيو ويو

بامبي ٻلي cat Bombay


 بامبي ٻلي قدبت ۾ پالتو ٻليءَ جيڏي ٿيندي آهي. هي هندستاني ٻلي آهي ۽ کيس اهو نالو انگريزن تڏهن ڏنو هو، جڏهن اهي برصغير تي راڄ ڪندا هئا. هندستان جي شهر ’ممبئيءَ‘ کي انگريز ’بامبي‘ (Bombay)سڏيندا هئا. جيتوڻيڪ هن شهر کي  اڄڪلهه  ممبئي سڏيو وڃي ٿو، پر هي ٻلي اڄ به ’بامبي ٻلي‘ جي نالي سان مشهور آهي. بامبي ٻلي هٿرادو طريقي سان تيار ڪيل ننڍي ٻُر (Shorthair) واري ٻلين جي هڪ جنس آهي. هي ٻلي، ’برمي‘ (Burmese) ۽ هندستاني ٻلين کي ملائي تيار ڪئي وئي آهي. هن ٻِسر ٻليءَ جون ٻه جنسون آمريڪا ۽ برطانيا پڻ ۾ پيدا ڪيون ويون آهن. جيڪي ڌار ڌار نالن سان پنهنجي سڃاڻپ رکن ٿيون. انهن مان هڪ جنس کي (British Bombay)۽ ٻي کي ’آمريڪن بامبي‘(American Bombay)  چيو وڃي ٿو. اهي ٻئي جنسون رنگ جي لحاظ کان ڪاريون ٿين ٿيون.ان کان سواءِ هن ٻليءَ جي هڪ جنس ڀوري رنگ جي پڻ ٿيندي آهي.

بامبي ٻلي جو مٿو وڏو ۽ اکيون نيريون ۽ نارنگي رنگ جون ٿين ٿيون ۽ سندس مٿي کان پولهه تائين سراسري ڊيگهه ڏيڍ کان ٻه فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندي آهي.

بامبي ٻلي عادتن ۾ ’برمي‘  (Burmeseٻلي جهڙي ۽ دوستاڻو مزاج رکي ٿي.  هي ڦڙت ۽ هوشيار ٻلي آهي، چست هئڻ ڪري شڪار ۾ پڻ ڏاڍي ڀڙ آهي، ورلي ڪو شڪار کانئس جان بچائي سگهي ٿو. شڪار کي خبرداريءَ سان تاڙ ۾ رکي ۽ موقعو ڏسي ان تي حملو ڪندي آهي. جنهن ۾ کيس گهڻي قدر ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي.

بامبي ٻلي هڪ پيٽ تي 4 کان 6 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ 13 سالن جي سراسري عمر ماڻي ٿي.