ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13728   ڀيرا پڙهيو ويو

هماليائي ڪار ڪني (Himalayan lynx or Himalayan caracal)


ڪارڪني (Caracal)ٻليءَ جا ٻه قسم آهن، جن مان هڪ کي ’هماليائي ڪارڪني‘ (Himalayan lynx) ۽ ٻي کي ’ڳاڙهي ڪارڪني‘ (Red lynx)چيو ويندو آهي. ڳاڙهي ڪارڪنيءَ جي ڀيٽ ۾ هماليائي ڪارڪني ٻلي وڏي ۽ وزندار ٿئي ٿي. ڪارڪني ٿڌن علائقن جي ٻلي آهي. پاڪستان ۾ اها هنزه، گلگت، بلتستان، استور، چترال ۽ صوبي سرحد جي ٻين علائقن کانسواءِ روس، ڪئناڊا، افغانستان، چين، تبت ۽ وچ ايشيا جي ٿڌن ملڪن ۾ رهي ٿي.

هي ٻلي گرمين جي مند ۾ جبلن تي 14000 کان 15000 فوٽن جي اوچائي تي چڙهي ويندي آهي، جڏهن ته سردين ۾ پهاڙن تان هيٺ لهي جابلو وادين ۾ گذارو ڪندي آهي. ڪارڪني ٻلي قدبت ۾ ننڍي ڪتي جيڏي ٿئي ٿي. سندس مٿو وڏو،  ڪن ويڪرا ۽ اڀا هوندا آهن جن جي ٻاهرين حصي تي هلڪو اڇو داغ ٿيندو آهي. ڪنن جي چوٽين تي لڳ ڀڳ 4  انچ وارن جا ڇڳا ٿيندا اٿس ۽ ڏاڙهي هئڻ ڪري هي ٻلي پنهنجي خاص سڃاڻپ رکي ٿي. ڪنن جا اهي وار کيس اينٽينا جو ڪم ڏيندا آهن، جن سان هوءَ ماحول ۾ آوازن ۽ مفاصلن جو اندازو لڳائيندي آهي، جيڪڏهن اهي وار ڪٽي ڇڏجن ته هوءَ آواز سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪري سگهي ٿي. هن ٻليءَ جون اکيون زرد ڀوريون ۽ ڳاڙهيريون ڀوريون ٿين ٿيون.

هماليائي ڪارڪنيءَ جي جسم جو رنگ چمڪدار سليٽي جڏهن ته ڄاڙي، ڳچي ۽ پيٽ وارو حصو اڇي رنگ جو هوندو آهي. ڳاڙهي ڪارڪني جو جسم وري ڳاڙهو ڀورو ٿئي ٿو. اهڙي ريت ڪئنيڊيائي ۽ وچ ايشيائي ڪارڪني، هماليائي ڪارڪني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڳاڙهي رنگ واري ٿئي ٿي ۽ سندس جسم ۽ ٽنگن جي اندرين حصي تي چٽا ٿيندا آهن، جيڪي بالغ ٿيڻ کان پهرين وڌيڪ نمايان هوندا آهن. سندس پير ويڪرا ٿين ٿا، جن تي جسم وانگر وڏن وارن جو تهه چڙهيل هوندو آهي. جيڪو برف ۾ هلڻ وقت کيس سيءُ کان بچائي ٿو. وڌيڪ سرد علائقن واري ڪارڪني جا وار وڏا ۽ گهٽ سرد علائقن ۾ رهندڙ جا وار ننڍا ٿيندا آهن. هن ٻليءَ جو پڇ ننڍو ۽ چوٽي وٽان گول هوندو آهي. عام طور هماليائي ڪارڪني جي سر کان ڌڙ تائين ڊيگهه 26 انچ ۽ پڇ 8 انچ ٿيندو آهي، پر بونير (صوبي سرحد) مان هٿ آيل هڪ هماليائي ڪارڪنيءَ جي ڊيگهه 41 انچ، پڇ 9 انچ ۽ ڪلهن تائين قد 20 انچ هو. هماليائي ڪارڪنيءَ جو سراسري وزن 25 ڪلو گرام ٿئي ٿو.

هي ڪارڪني اڪثر رات جي وڳڙي ۾ شڪار ڪندي آهي. جڏهن ته ڏينهن جي وقت وڻن جي پورن، پاهڻن جي اوٽ يا غارن ۾ لڪي ويندي آهي. منجهس ڏسڻ ۽ سنگهڻ جي بي پناهه صلاحيت آهي. ان ڪري جڏهن هوءَ شڪار لاءِ نڪرندي آهي ته سندس نڪ زمين کي ويجهو هوندو آهي، جنهن سان کيس انهيءَ واٽ تان لنگهي ويل جانورن جي خبر پوندي آهي. هن ٻليءَ جي جوءِ جو دارومدار شڪار تي هوندو آهي، گهڻي شڪار جي صورت ۾ هي 1250 کان 1800 ايڪڙ ۽ شڪار جي ڪمي سبب 4000 کان 12000 ايڪڙن جي ايراضي ۾ گهمندي رهندي آهي.  انهي سڄي جوءِ ۾ سندس رهڻ ۽ مينهن يا سيءَ کان بچاءُ جون ڌار ڌار جايون مقرر هونديون آهن.

سندس شڪار ۾ اڪثر پکي، مڇي، هرڻ، لومڙيون، سها ۽ نور شامل آهن. ان کان سواءِ آئبيڪس ۽ مارخور جا ٻچا پڻ کڻي ويندي آهي. سردين ۾ ڪبوتر ۽ گرمين ۾ مول (Mole) پڻ هن ٻليءَ جو شڪار ٿين ٿا. اترين علائقن ۾ هي ٻلي مال جي واڙن مان ٻڪريون ۽ رڍون پڻ کڻي وڃي ٿي. جيڪڏهن شڪار سندس کائڻ کان وڌيڪ هوندو ته اهو پنهنجي ڏر ۾ رکي ڇڏيندي آهي، جيڪو سردي سبب خراب نه ٿيندو آهي ۽ ڪيترن ڏينهن تائين پئي کائيندي آهي.

هن ٻلي جي کل حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو سندس شڪار ڪندا آهن، جنهن ڪري  هن جو تعداد خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه هن ٻليءَ جي مارڻ تي سختيءَ سان پابندي آهي.

هماليائي ڪارڪني نر توڙي مادي اڪيلا اڪيلا گهمندا ۽ شڪار ڪندا آهن. نر ماديءَ سان رڳو بهار واري موسم ۾  گڏ نظر ايندو آهي. مادي 67 کان 74 ڏينهن جي پيٽ کان پوءِ 2 کان چار ٻچا ڄڻي ٿي. جيڪي 9 کان 10 ڏينهن اندر اکيون کوليندا آهن. ٻچا چار هفتن تائين رڳو ماءُ جو کير پيئندا آهن، پوءِ ماءُ کين گوشت کائڻ تي هيرائيندي آهي . هڪ سال جي عمر ۾ هن جا ٻچا بالغ ٿي ويندا آهن.

 جهنگ ۾ هماليائي ڪارڪني ٻليءَ جي سراسري عمر 18 سال ٿيندي آهي، جڏهن ته پالتو ڪارڪني وڌ کان وڌ 21 سالن تائين زندهه رهي سگهي ٿي.