ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13675   ڀيرا پڙهيو ويو

تيندئو Leopard


تيندئو ڏسڻ جو سهڻو، پر مزاج ۾ ڏاڍو وحشي جانور آهي. قدبت به ڪو خاص ڪو نه اٿس، وڌ ۾ وڌ بُلٽري ڪُتي جيڏو ٿئي ٿو. سندس سڄي جسم تي گلن جهڙا داغ هئڻ ڪري، کيس ’گلدار چيتو‘ پڻ چئي سگهجي ٿو. هيءُ جانور گهڻو ڪري اڪيلو سفر ڪندو آهي ۽ هڪ خاص قسم جو آواز ڪڍي ٿو، جنهن کي ٻڌڻ سان لڳندو آهي ته ڄڻ ڪو ڪارائيءَ سان ڪاٺ پيو وڍي . تيندئي جي رهائش آفريڪا ۽ اُتر ايشيا جا جبل، گهاٽا جهنگ، ريگستان ۽ برفاني علائقا آهن.

هن جو وحشي مزاج چيتي، بگهڙ ۽ آفريڪا جي جهنگلي ڪتي جهڙو آهي. شڪار جي خيال سان تيندئو هڪ رات ۾ پنجويهه ڪلوميٽر سفر ڪري وڃي ٿو. سندس شڪار  ۾ هرڻ، باندر، ڪتا، جابلو ٻڪر، ڀولڙا ۽ وڏن جانورن جا ٻچا شامل آهن، ان کان سواءِ تيندئو پکي ۽ نانگ پڻ کائي وڃي ٿو. شڪار نه لڳڻ جي صورت ۾ ڳوٺن ۽ وسندين ڏانهن ڪاهي پوندو آهي، جتان ٻڪريون رڍون ۽ جي ماڻهو مليس ته ان تي پڻ حملو ڪري ڏيندو آهي. جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪري وڻن مٿان چڙهي ويهندو آهي ۽ هيٺيان لنگهندڙ شڪار مٿان ٽپ ڏيئي کيس ماري وجهي ٿو. تيندئو سگهو جانور آهي، جنهن ڪري شڪار کي چَڪ ۾ جهلي، وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي ويندو آهي، ته جيئن ببر شينهن ۽ چراخ کانئس شڪار ڦُري نه وٺن، ڇو ته بنيادي طرح ببر شينهن ۽ چراخ سست شڪاري آهن، ان ڪري اهي گهڻو ڪري ٻين جو ڪيل شڪار کائيندا آهن، ان ڪري تيندئو جڏهن شڪار وڻ تي کڻي ويندو آهي تڏهن هي سُست شڪاري، هيٺ بيهي، بچيل گوشت جي ڪرڻ جو انتظار ڪندا آهن.

جيڪڏهن تيندئي کي ڪو به شڪار نه لڳي ته اهو وڻ تي ويهي پهريائين رڙيون ڪندو آهي ۽ پوءِ هيٺ لهي وڻن جي جهڳٽن ۾ لڪي ويندو آهي، جتي شڪار کي ويجهو ايندو ڏسي، لڪي ڇُپي پير پير تي ڏيئي، مٿس اوچتو حملو ڪندو آهي. ان مهل هو وڏو ٽپ ڏيئي، شڪار کي سوگهو ڪندو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڊوڙڻ جي رفتار سٺ ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، پر لڪي ڇپي شڪار ڪرڻ جو اهو طريقو وٽس جبلتي آهي، جيڪو شينهن ۽ ٻلين جي نسل ۾ هڪجهڙو ٿئي ٿو. تيندئي جي ڪنڌ ۾ وڏي طاقت ٿئي ٿي، جنهن جي زور تي هو 90ڪلوگرام  جيترو وزن وات ۾ جهلي وڻن تي آسانيءَ سان چڙهي ويندو آهي.

تيندئي جي مادي هڪ تُور تي ٻه کان ٽي ٻچا ڏيندي آهي، جن کي هوءَ ڪنهن غار يا وڻ جي پور ۾ لڪائيندي آهي، جبلت مطابق ٻچا ننڍي هوندي ئي هڪٻئي کي چنبا هڻندا ۽ لڪي جيت جهليندا آهن. اهي ٻن سالن تائين پنهنجي گهر ۾ رهن ٿا، ان کان پوءِ ماءُ سان گڏ شڪار ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ ٻن سالن  بعد ماءُ کان ڌار ٿي، پنهنجي الڳ دنيا وسائيندا آهن.

هڪ صحتمند ۽ جوان تيندئي جي پُڇ کان نڪ تائين ڊيگهه 55 کان 65 انچ ۽ وزن 120 ڪلوگرام يا ٽي مڻن کان به وڌيڪ ٿئي ٿو. تيندئي جي سراسري عمر 19 سال ٿيندي آهي.

تيندئي جا ڪجهه ٻيا قِسم پڻ ٿين ٿا. جهڙوڪ: ڪڪر تيندئو، اَمر تيندئو، سريلنڪائي تيندئو، برفاني تيندئو ۽ ايراني تيندئو، جيڪو بلوچستان ۽ سنڌ جي جابلو سلسلي ۾  پڻ نظر ايندو هو، جنهن ڪري کيس سنڌي تيندئو يا بلوچستاني تيندئو پڻ چيو وڃي ٿو، پر اڄڪلهه هي تيندئو ناياب ٿي چڪو آهي.