ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13682   ڀيرا پڙهيو ويو

آئريو موٽ ٻلي Iriomote cat


هي هڪ قسم جي جهنگلي ٻلي آهي، جيڪا رڳو جاپان ۽ تائيوان ۾ ملي ٿي. هن ٻليءَ جو اصل وطن جاپان جو هڪ ٻيٽ ’آئريو موٽ‘ (Iriomote Jimma)آهي. جنهن جي نالي پٺيان کيس ’آئريو موٽ ٻلي‘(Iriomate cat)سڏيو وڃي ٿو. قدبت ۾ هي گهريلو ٻليءَ جيتري ٿيندي آهي. سندس ٽنگون ننڍيون، ڪن گول ۽ ڪنن جي وچ تي هڪ اڇي رنگ جو داغ ٿئي ٿو. جڏهن ته اکين جي چؤڌاري اڇي ٻُر جو گهيرو ٿيندو آهي. هن ٻليءَ جو پڇ قدري ننڍو، پر وڏي ٻُر سبب ٿلهو نظر ايندو آهي. هن ٻليءَ جي جسم تي سونهري ۽ سليٽي رنگ جي ٻُر ۽ ان مٿان چيتي وانگر چٽا ٿين ٿا.

’آئريو موٽ‘ جي مٿي کان پولهه تائين ڊيگهه ڏيڍ کان ٻه فوٽ ۽ پڇ جي ڊيگهه مني فوٽ کان  هڪ فوٽ  جڏهن ته وزن ٽي کان ساڍا چار ڪلو گرام ٿيندو آهي.

’آئريو موٽ‘ اڪثر پاڻيءَ جي ڀر ۾ جابلو ۽ ساحلي علائقن کان سواءِ آباد وسندين وٽ ۽ ڍنڍن ڍورن جي ڪنارن تي رهي ٿي. هي  جهنگلي ٻلي آهي، تنهنڪري پنهنجي فطرت ۾ ويڙهو ۽ شڪاري ٻلي آهي ۽ قدرتي ماحول ۾ آزاديءَ سان رهي کاڌي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي. هن جي خوراڪ ۾، ڪوئا، ريڙهيون ڏيندڙ جانور، ڏيڏر، جيت، ڪميون، مڇي، پکي ۽ ميوا وغيره شامل  آهن. هي ٻلي سٺي تارو ۽ چاڙهو  آهي. تنهن ڪري اونهي پاڻيءَ ۾ آسانيءَ سان تري ۽ اوچن وڻن تي َ چڙهي ويندي آهي. پاڻيءَ مان مڇيون ۽ وڻن تان ميوا پٽي ۽ پکي جهپي کائڻ هن ٻليءَ جي کاٻي هٿ جو کيل آهي.

’آئريو موٽ‘ ٻلي جي مادي لڳ ڀڳ 60 کان 70  ڏينهن جي حمل کان پوءِ 2 کان 4 ٻچا ڄڻي ٿي، جيڪي 10 کان 12 مهينن اندر بالغ ٿي وڃن ٿا. هن ٻليءَ جي عمر 10 کان 12 سال ٿيندي آهي.