ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13714   ڀيرا پڙهيو ويو

تَسماني واگهه Tasmanian Tiger


واگهه جو هي قسم، تَسماني واگهه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي واگهه آسٽريليا جي هڪ ٻيٽ تَسمانيا ۾ رهي ٿو. کيس ’ٿائلاسين‘ (Thylacine) به  سڏيو ويندو آهي. هن واگهه جو منهن مهانڊو گهڻي ڀاڱي بگهڙ جهڙو آهي. ان ڪري کيس ’تَسماني بگهڙ‘  (Tasmanian wolf )پڻ چيو وڃي ٿو، پر پولهه ۽ پٺن تي واگهه وانگر پٽا هئڻ ڪري کيس واگهه جي نسل ۾ ئي شمار ڪيو ويو آهي. هي ناياب واگهه آهي ۽ اندازو آهي هن وقت دنيا ۾ ڪٿي به سندس ڪو وجود نه آهي. ويهين صديءَ جي شروع ۾ هن واگهه  جي هئڻ جون شاهديون ملن ٿيون، پر پوءِ ويهين صديءَ جي 80 واري ڏهاڪي ۾ هن جانور جو وجود ختم ٿي ويو، جنهن جا ڪيترائي سبب ٻڌايا وڃن ٿا. اڄ تَسمانيا جي 350 جاين تان هن واگهه جا هڏا مليا آهن، جنهن مان گمان آهي ته ڪنهن وبائي بيماريءَ سبب هي جانور پنهنجو وجود وڃائي ويٺوآهي. 1977ع ۾ انڊونيشيا جي هڪ علائقي جاوا جي سرڪار دعويٰ ڪئي هئي ته اسان جي جهنگ ۾ هڪ تَسماني واگهه ڏٺو ويو آهي ۽ هن وقت به انڊونيشيا جي هڪ ٻي علائقي نيوگئنيا سرڪار جي دعويٰ آهي ته اڄ به اسان جي ملڪ ۾ تَسماني واگهه موجود آهن.

سال 1902تائين  تَسماني واگهه جو هڪ جوڙو آمريڪا جي نيشنل پارڪ ۾ موجود هو، پر ٻچا نه ٿيڻ ڪري ان جو نسل وڌي نه سگهيو ۽ اهو جوڙو مري ختم ٿي ويو. تَسماني واگهه آخري ڀيرو اڄ کان 80 سال اڳ آسٽريليا ۾ ماريو ويو هو.

تَسماني واگهه جو رنگ سليٽي زرد ٿيندو آهي، سندس ڪلهن تائين قد 24 انچ، پُڇ سنهو ۽ 18 کان 26 انچ ڊگهو ٿئي ٿو، کوپڙي تقريباً 9 کان 10 انچ موڪري، جڏهن ته وزن 33 ڪلو گرام ٿيندو آهي. تَسماني واگهه جي جسم تي 13 کان 19 پٽا ۽ اکين جا دائرا اڇا نظر اچن ٿا. سندس خوراڪ ۾ ڪينگرو ۽ مختلف قسم جا پکي وغيره شامل آهن.