ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13700   ڀيرا پڙهيو ويو

ٽِفَنِي ٻلي Tiffany cat


هي وچولي ٻُر واري هڪ پالتو  ۽ ٻِسر ٻلي آهي، جيڪا ٻن مختلف نسلن جي ٻلين جو خار آهي. قدبت ۾ هي ٻلي قدري ڊگهي ٿئي ٿي. سندس نڪ وچولو ۽ جسم سڊول ٿئي. رنگ جي لحاظ کان ٽِفنيءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا. جهڙوڪ: بوسڪي، ناسي، اڇو، هيڊو، واڱڻائي ۽ بادامي وغيره، پر انهن مان اڇو رنگ وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. هن ٻليءَ جي ٻُر لسي، نرم ۽ وڻندڙ ٿيندي آهي.

ٽِفَنِي ٻليءَ جي مٿي کان ڌڙ تائين سراسري ڊيگهه 2 فوٽ ۽ وزن 5 کان 6 ڪلو گرام ٿئي ٿو .

هي ٻلي پنهنجي فطرت ۾ سست آهي، پر گڻن جي لحاظ کان منجهس ڪيتريون خوبيون موجود آهن. هي هوشيار، وفادار ۽ راند جي تمام گهڻي شوقين آهي. ٻارن ۽ گهر ۾ موجود ٻين پالتو جانورن سان راند کيڏڻ کيس گهڻو وڻي ٿو. تنهن ڪري هر وقت پئي ساڻن کيڏندي آهي. ٽِفني پنهنجي مالڪ ۽ ان جي گهر ڀاتين سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿي ۽ ورلي ئي کانئن پري نظر ايندي آهي.

هن ٻليءَ جي مادي هڪ پيٽ تي 3 کان 5 ٻچا ڏي ٿي ، جيڪي لڳ ڀڳ ٻن سالن جي عمر ۾ بالغ ٿي  پنهنجي الڳ دنيا وسائيندا آهن. ٽِفني ٻليءَ جي سراسري عمر 15 سال ٿيندي آهي، پر ڪا خوش ۽ صحتمند ٻلي ان کان به وڌيڪ عرصو به جيئرو  رهي سگهي ٿي.