ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13669   ڀيرا پڙهيو ويو

سريلنڪائي تيندئو Srilankan leopard


تيندئي جو هي قسم ’يالا نيشنل پارڪ‘ (Yala national park)۾ ملي ٿو، جيڪو سريلنڪا جي ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس  ’يالا تيندئو‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. هن تيندئي جو رنگ ڳاڙهو پيلو ۽ بدن تي ڳاڙها ڪارا چٽا ٿين ٿا،  کيس ڪارا چٽا پُڇ تي به ٿين ٿا، جيڪي چوٽيءَ تائين پهچندي ايترا گهاٽا ٿي وڃن ٿا، جو پُڇ جي پڇاڙي نِڀُور ڪاري نظر ايندي آهي  البته پُڇ جو هيٺيون حصو قدري اڇو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ ڄاڙي، ڳچي ۽ پيٽ جو هيٺيون حصو  پڻ اڇو ٿئي ٿو. هن جون  ٽنگون ننڍيون، ۽ چنبا ويڪرا ٿين ٿا. هن تيندئي جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 3 کان سوا 5 فوٽن تائين ۽ پڇ جي ڊيگهه 3 فوٽن کان ٿورڙي سوائي ٿئي ٿي. جڏهن ته هڪ ماديءَ جو وزن 39 ڪلو گرام ۽ نر جو وزن 56 ڪلو گرام هوندو آهي، پر ڪو وڏو نر 70 ڪلو گرام جو پڻ ٿي سگهي ٿو.

سريلنڪائي تيندئو سريلنڪا جي گرم ۽ برساتي جهنگلن ۾ رهي ٿو، جتي هو يا ته غارن اندر يا وري وڻن تي رهندو آهي. سريلنڪائي تيندئو اڪيلائي پسند جانور آهي، ان ڪري اڪثر اڪيلو گذاريندو آهي، پر ڪڏهن اتفاقي طور جوڙي جي صورت ۾ به نظر ايندو آهي. سريلنڪا ۾ رهندڙ گوشت خور جانورن ۾ تيندئي جو تعداد سڀني کان وڌيڪ آهي، سندس خوراڪ ۾ هرڻ، سوئر، ڀولڙا، سها ۽ ٻيا پالتو توڙي جهنگلي جانور شامل آهن. هي تيندئو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو تي به حملو ڪندو آهي.

سريلنڪائي تيندئي جي مادي 90 کان 105 ڏينهن جي حمل بعد 2 کان 3 ٻچا ڄڻي ٿي. ڄم  وقت ٻچن جو وزن 500 کان 600 گرام هوندو آهي  جيڪي 2 کان 3 سالن اندر بالغ ٿي ويندا آهن.  هن تيندئي جي عمر جهنگ ۾ 17 سال ۽ پالتو 23 سالن تائين زندهه رهي سگهي ٿو.