ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13686   ڀيرا پڙهيو ويو

ٻِسَر شينهن (Panthera Hybrids)


سمورين ٻلين ۽ شينهن کي گڏائي ٻليءَ جي خاندان (Felidae Family)   جا جانور سڏيو ويندو آهي، پر ڌار ڌار عادتن ۽ وڙ وجهه سبب هن خاندان کي وري ننڍن ننڍن گروهن ۾ ورهايو ويو آهي. اهڙن گروهن مان شينهن جي هڪ گروهه کي پينٿرا نسل (Panthera Genius) جو نالو ڏنو ويو آهي. هن نسل ۾ ببر شينهن، واگهه، تيندئو ۽ جيگئار شامل آهن. ڇو ته هنن جون عادتون ۽ شڪار جا طريقا لڳ ڀڳ هڪجهڙا آهن. اهي چار ئي شينهن پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجو نسل وڌائين ٿا، پر جانورن تي تحقيق ڪندڙ ماهرن هڪڙن جانورن جا ٻج ٻين جانورن جي ٻجن سان ملائي نيون جنسون پيدا ڪيون آهن، جن کي ٻِسَر يا گڊا (Hybrids) سڏيو وڃي ٿو. جيڪي ٻسر ”پينٿرا نسل“ مان پيدا ڪيا ويا آهن، تن کي وري ”پينٿرا ٻِسَر“ (Panthera Hybrids) سڏيو وڃي ٿو. اهي ٻِسَر جهنگ ۾ رهڻ ۽ پاڻ مرادو شڪار ڪرڻ جي لائق نه هوندا آهن، ان ڪري هٿرادو نموني سان پيدا ڪيل ٻسر شينهن هڪ ڀيرو پيدا ٿيڻ کان پوءِ يا ته ٻچا ڪرائيندڙ فارمن ۾ يا وري ماڻهو نِجي گهرن ۾  کين پالين ٿا. هيٺ چارٽ ۾ ڏنل پينٿرا ٻِسَر جون پيدا ڪيل ٻيون جنسون گهڻو فرق نه ٿيون رکن، پر انهن ۾ لائيگر (Liger) ۽ ٽگلن (Tiglon) نه رڳو هڪٻئي کان پر ماءُ ۽ پيءُ کان پڻ حيران ڪندڙ حد تائين مختلف ٿين ٿا.

 

ٻِسَر شينهن Panthera hybrids

 

تيندئو

Leopard

جيگئار

Jaguar

واگهه

Tiger

ببر شينهن

Lion

 

لِئرڊ

Liard

لِگُئر

Liguar

لائيگر

Liger

-

ببر شينهن

Lion

ٽِگرڊ

Tigard

ٽِگُئر

Tiguar

-

ٽگلن

Tiglan

واگهه

Tiger

جيگو ليپ

Jagulep

-

جيگئا ٽائيگر

Jaguatiger

جيگ لاين

Jaglion

جيگئار

Jaguar

-

ليپ جيگ

Lep jag

لئوٽگ

Leotig

لئوپان

Leopon

تيندئو

Leopard

 

 

لائيگر   (liger)

 

لائيگر ببر شينهن جي نر ۽ واگهه جي ماديءَ جي ميلاپ مان پيدا ٿيل شينهن جي هڪ نئين جنس آهي. هي وزن ۽ قدبت ۾ ماءُ توڙي پيءُ کان وڏو ٿئي. سندس وزن 500 ڪلوگرام کان وڌيڪ ٿئي ٿو. يعني لڳ ڀڳ تيرهن مڻ وزني ٿيندو آهي.

عادتن ۽ خاصيتن ۾ لائيگر ماءُ پيءُ جهڙو ٿئي ٿو. سندس رنگ ۽ وار ببر شينهن وانگر هوندا آهن. جڏهن ته جسم تي واگهه وانگر ڪاري ۽ سليٽي رنگ جا پٽا ٿين ٿا. لائيگر پاڻمرادو شڪار نه ٿو ڪري سگهي، ان ڪري کيس جهنگ ۾ نه ڇڏيو ويندو آهي. ان ڪري لائيگر تحقيقي مقصدن کانسواءِ ماڻهن جي خاص فرمائش تي پيدا ڪيا ويندا آهن. آمريڪا ۾ سرنديءَ وارن ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي گهرن ۾ لائيگر پاليا آهن.