ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13713   ڀيرا پڙهيو ويو

ترڪش انگورا ٻلي Turkish Angora cat


نرالين اکين واري هي ٻلي وچولي ٻُر (Medium hair) وارين ٻلين جي هڪ جنس آهي. هن جو اصل وطن ’وچ ترڪي‘ (Central turkey) جي هڪ رياست ’انقرا‘ (Angora)آهي. هن ٻليءَ کي انگورا پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن جو شمار قديم نسل جي ٻلين ۾ ٿئي ٿو ۽ نسلي طرح هيءَ ايراني ٻليءَ جي ويجهي مائٽياڻي آهي. هي  وچولي جسامت واري ٻلي آهي. سندس جسم تي پشمي ۽ نرم قسم جي ٻُر ٿئي ٿي. هن ٻليءَ جو بنيادي رنگ اڇو آهي، پر سندس نسل ۾ ويهارو کن ٻيا رنگ به ٿين ٿا. جهڙوڪ: ڪارو، نيرو، ڳاڙهو، چاڪليٽي، بادامي، هيڊو، واڱڻائي ۽ ٻيا گاڏڙ ساڏڙ رنگ شامل آهن، البته اڇي رنگ واري ’انگورا‘ وڌيڪ پسند ڪئي وڃي ٿي. سندس اکين جو رنگ عام طرح نيرو ٿئي ۽ ڪا ورلي پيلين اکين واري نظرايندي آهي. هن جنس ۾ ڪجهه اهڙيون ٻليون به آهن، جن جي هڪڙي اک نير ي ۽ ٻي پيلي ٿيندي آهي. ’ترڪش انگورا‘  جي مٿي کان پولهه تائين سراسري ڊيگهه 2 فوٽ، جڏهن ته وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

پنهنجي مزاج توڙي سڀاءُ ۾ هيءَ ٻلي ڏاڍي دلڪش آهي،  پنهنجي پالڻ واري سان پيار ڪري ٿي ۽ دوستاڻو مزاج رکي ٿي. گهڻي چست هئڻ سبب راند جي  به گهڻي شوقين آهي. ان ڪري هر وقت پئي ٺينگ ۽ ٽپا ڏيندي آهي. سندس هڪ قسم لانگهير (وڏي ٻُر) وارو پڻ ٿئي، جنهن کي ترڪش لائن چيو وڃي ٿو.

ترڪش انگورا جي مادي هڪ پيٽ تي 2 کان 4 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سندس سراسري عمر 14 سال ٿيندي آهي.