ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13690   ڀيرا پڙهيو ويو

برفاني تيندئو (Snow Leopard)


ٻليءَ جي نسل وارن سمورن خونخوار جانورن مان هي سڀني کان سهڻو جانور آهي. جيتوڻيڪ هي، تيندئي نسل جي هڪ وڏي ٻلي آهي، جنهن کي اسان عام طور شينهن چئون ٿا، ۽ پنهنجي خاصيتن سبب الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هڪ ته هي تيندئي يا شينهن وانگر گجگوڙ نه ٿو ڪري، رڳو وقتي خُر خُر جو آواز يا ڪڏهن ٻلي وانگر ميائون ميائون ڪندو آهي. ٻيو ته سندس جسم جا چٽ تيندئي وانگر گهاٽا نه ٿيندا آهن ۽ ٻين تيندئن جي ڀيٽ ۾ پڻ ڪجهه ننڍو  ٿيندو آهي.

برفاني تيندئي جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه چار کان 5 فوٽ ۽ پڇ ٽي کان ساڍا ٽي فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو ، جڏهن ته سندس ڪلهن تائين قد 60 سينٽي ميٽر ۽ وزن 25 کان 41 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

برفاني تيندئي جو رنگ اڇو ۽ جسم تي ڇڊا يا وٿيرڪا چٽا ٿيندا آهن. جيڪڏهن غور سان ڏسبو ته پيٽ جي ڀيٽ ۾ پٺن جو رنگ وڌيڪ گهرو، هلڪي سليٽي ٻُر وارو ٿيندو آهي، جيڪا سردين ۾ وڌيڪ اڇي ٿي ويندي آهي.سندس ٻُر مٿان ننڍا ننڍا ڪارا چٽا ڪڪرن وانگر غير ترتيب دائرن جي صورت ۾ هوندا آهن. پٺيءَ واري ڪنڊي تي اهي چٽا هڪٻئي کي ايترو ته ويجها هوندا آهن جو ڪلهن کان ڌڙ تائين ڪاري پٽي جو ڏيک ڏيندا آهن. اهڙا چٽا سندس منهن ۽ پيٽ تي پڻ نظر ايندا آهن پر اهي گهڻا واضح يا پڌرا نه ٿا ٿين. هن تيندئي جا چپ ڪارا ۽ ڪنن جي پٺ زرد اڇي رنگ جي ٿيندي آهي، جڏهن ته ڪنن جي پويان اڻ لکو ڪارو پٽو نظر ايندو آهي. سندس نڪ گلابي ڀورو ۽ اکيون سائي رنگ جون ٿينديون آهن. پڇ جو آخري حصو اڇو ڀورو ٿئي ٿو، جنهن تي ڪو به داغ يا چٽو وغيره نه هوندو آهي.

هي تيندئو ٿڌن علائقن جو جانور آهي، جنهن ڪري اڪثر برفاني جبلن تي 9000 کان 15000 فوٽن جي اوچائيءَ تي رهندو آهي. جيڪڏهن هوا لڳي ۽ سيءُ وڌي وڃي ته جبلن کان هيٺ لهي پٿرن يا وڻن جي اوٽ ۾ هليو ويندو آهي. برفاني جبلن تي شڪار جي اڻاٺ سبب هي تيندئو هيٺ لهي ترائي واري علائقي ۾ گهمندو رهندو آهي. جهنڊ يا ولر ۾ گهمڻ هن جانور جي فطرت ۾ نه آهي، ان ڪري اهو پنهنجي جوءِ ۾ اڪثر اڪيلو گذاري ٿو. جيئن ته هي نهايت خوبصورت جانور آهي، ان ڪري ڪيترائي ماڻهو سندس کل هٿ ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان سندس شڪار ڪندا آهن. مقامي ماڻهو هن جي رستي تي ٻڪري وغيره ٻڌي ڇڏيندا آهن ۽ چوڌاري کڏ کوٽي مٿان رکيل سنهين ڪاٺين تي برف رکي ڇڏيندا آهن. ان حالت ۾ تيندئو جڏهن ٻڪريءَ تي حملو ڪندو آهي ته ان کڏ ۾ ڪري پوندو آهي، جتي شڪاري کيس ماري سندس کل لاهي وٺندا آهن. ان کان سواءِ هن جانور جو شڪار پنجوڙن ۽ سرڪڻ ڦاهين سان پڻ ڪيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه هن جانور جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي. هڪ اندازي موج ڌرتيءَ تي برفاني تيندئي جو تعداد باقي 400 کان 500 وڃي بچيو آهي. قدرتي ماحول ۾ هي سرهه، گڍ، آئبيڪس، مارخور، کٿوريءَ واري هرڻ ۽ سهي وغيره جو شڪار ڪندو آهي. برفاني جبلن تي جڏهن گهڻو سيءُ پوندو آهي ته سڀ جانور هيٺ لهي ايندا آهن، ان وقت برفاني تيندئو پڻ پنهنجي شڪار سان گڏ هيٺ لهي ايندو آهي، جبلن تي جڏهن برف ڳرندي آهي ۽ گاهه ڦٽندا آهن ته هي وري گاهه خور جانورن سان گڏ مٿي هليو ويندو آهي. برف باريءَ ۾ سندس شڪار ڪرڻ جو طريقو ڏاڍو ڪامياب ۽ نرالو ٿئي ٿو. برف باري وقت هو هڪ هنڌ ويهي رهندو آهي، جنهنڪري ٿوري وقت اندر برف ۾ ڍڪجي ويندو آهي، اهڙي حالت ۾ گاهه خور جانور کي خبر ئي نه پوندي آهي ته اتي ڪو شينهن ويٺو آهي. شڪار جي ويجهو اچڻ تي هي تيندئو جهٽ ڏيئي کيس ماري وجهندو آهي.

برفاني تيندئي جي مادي هر سال سياري جي آخر ۾ پيٽ سان ٿيندي آهي ۽ 93 کان 103 ڏينهن کان پوءِ اپريل کان آگسٽ جي وچ ۾ 2 کان 5 ٻچا ڏي ٿي. ڄمڻ وقت ٻچن جي جسم تي گهري رنگ جا ڪارا داغ ٿيندا آهن، جيڪي پوءِ آهستي آهستي مٽجي هلڪي سليٽي رنگ جا ٿي پوندا آهن. تيندئي جا ٻچا 7 کان 9 ڏينهن ۾ پنهنجيون اکيون کولين ٿا، ڏهن ڏينهن ۾ ريڙهيون ڏيندا ۽ ٻن مهينن کان پوءِ هلڻ جهڙ ا۽ 15 سالن جي عمر ماڻين ٿا.

پاڪستان ۾ برفاني تيندئا آزاد ڪشمير، مظفرآباد، هنزه، چترال، گلگت ۽ اسڪردو واري پاسي رهن ٿا، جڏهن ته پاڪستان کان ٻاهر نيپال، سائبيريا، چين، منگوليا، تبت، افغانستان، ڀوٽان ۽ وچ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ ڏٺا ويا آهن.