ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13681   ڀيرا پڙهيو ويو

مارگي ٻلي Margay cat


هي جهنگلي ٻلي آهي ۽ سندس اصلوڪو وطن وچ آمريڪا آهي. مارگي جي ٻُر پيلي ۽ سليٽي رنگ جي ٿئي ٿي، جنهن تي چيتي وانگر ڪاري يا سليٽي رنگ جا چٽا ٿيندا آهن، جڏهن ته سندس ڄاڙي، ڳچي ۽ پيٽ اڇي رنگ جي ٻُر سان ڍڪيل هوندا آهن. شڪل شبيهه ۾ مارگي ۽ اوسيلاٽ گهڻي هڪجهڙائي رکن ٿيون، البته اوسيلاٽ جي ڀيٽ ۾ مارگي جو مٿو ننڍو، پڇ ۽ ٽنگون ڊگهيون ٿينديون آهن.

قدبت جي لحاظ کان مارگي ٻليون ننڍيون به ٿين ته وڏيون پڻ. ننڍي مارگي جو وزن 2 کان 3 ڪلو ۽ وڏي 8 کان 9 ڪلو گرام ٿيندي آهي. جڏهن ته سر کان ڌڙ تائين سندس ڊيگهه 18(ننڍي) کان 32 (وڏي) انچ ۽ پڇ 13 کان 20 انچ ٿيندو آهي.

سڀ ٻليون چاڙهو هونديون آهن، ان ڪري جهنگلي ٻليون وڻن تي آسانيءَ سان چڙهي وڃن ٿيون، پر مارگي ۽ اوسيلاٽ جهڙي چاڙهو ڪا به ٻلي نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو مارگي پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو وڻن تي ئي گذاري ٿي ۽ هڪ وڻ کان ٻي وڻ تائين وڏا ٽپ ڏيئي ائين ويندي آهي، ڄڻ اڏامندي هجي. ان وقت ڊگهو پڇ کيس توازن قائم رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اهڙا ٽپ هو تڏهن ڏيندي آهي، جڏهن کيس ڪو خطرو هجي يا وري ٻي وڻ تي ڪو شڪار ڏسي. مارگي پکي شوق سان کائيندي آهي. ان کان سواءِ رات جي وقت زمين تي گهمندڙ ڪوئا، ڏيڏر، سانڊيون ۽ جيت پڻ هن جي خوراڪ ۾ شامل آهن.

مارگي نر ۽ مادي گهڻو ڪري گڏ رهندا آهن. مادي 70 کان 80 ڏينهن جي پيٽ کان پوءِ سراسري طور هڪ کان ٻه ٻچا ڏي ٿي. شروع ۾ اهي ٻچا زمين تي ڪنهن ڏر يا وڻ جي پور ۾ رهندا آهن ۽ 8 کان 10 مهينن بعد وڻن تي چڙهي ويندا آهن. ٻچا ڏهه مهينن کان هڪ سال  اندر بالغ ٿي پنهنجي نئين دنيا وسائيندا آهن. مارگي ٻلي هن دنيا ۾ زندگيءَ جو 12 بهارون گذاري ٿي.