ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13719   ڀيرا پڙهيو ويو

اڇو واگهه (White Tiger)


واگهه جو هي قسم، جنهن کي اڇي رنگ سبب ’اڇو واگهه‘ (White Tiger) سڏجي ٿو،  سو اصل ۾ ٻن مختلف نسلن، سائبيريائي واگهه ۽ سونهري واگهه جي ميلاپ جو نتيجو آهي. سائبيريائي واگهه ۽ سونهري واگهه جي ميلاپ سان جيڪي ٻچا پيدا ٿين ٿا، انهن مان 50 سيڪڙو بنگالي واگهه جهڙا، 25 سيڪڙو سونهري ۽ رڳو 25 سيڪڙو ٻچا اڇا ٿين ٿا. اڇو واگهه قد بت ۾ هوبهو بنگالي واگهه جيترو ٿئي ٿو، پر رنگ روپ ۾ گهڻو مختلف  آهي، جڏهن ته جسم تي عام واگهه وانگر هلڪي ناسي رنگ جا پٽا ٿين ٿا.

اڇا واگهه پنهنجي خاص سونهن سبب سڄي دنيا ۾ پاليا وڃن ٿا ۽ هڪ اندازي موجب انهن مان  لڳ ڀڳ هڪ سئو واگهه رڳو هندستان ۾ رهن ٿا. اڇا واگهه هندستان جي ڪيترن ئي راڻي باغن ۾ پڻ موجود آهن،  خاص ڪري علي پور ۽ ڪلڪتي واري راڻي باغن ۾ سندن وڏي پرگهور لڌي وڃي ٿي.

اڇو واگهه جيتوڻيڪ هڪ قدرتي جنس آهي، جيڪا سونهري ۽ سائبيريائي واگهه جي ميلاپ سان پيدا ٿي آهي، پر جانورن جا ٻچا ڪرائي وڪرو ڪندڙ ادارا هٿرادو طريقن سان پڻ هي جنس پيدا ڪن ٿا، جنهن کي دنيا جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري راڻي باغن ۾ پاليو وڃي ٿو. اهو لازمي نه آهي ته اڇي واگهه جي  نر ۽ مادي جا ٻچا اڇائي ٿين، اهڙا ڪيترا تجربا ڪيا ويا آهن، پر اهي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ڪي سونهري ته ڪي سائبيريائي ٿي پون ٿا. اهڙن ٻچن جو رڳو 20 کان 25 سيڪڙو  اڇي رنگ جو ٿئي ٿو.