ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13680   ڀيرا پڙهيو ويو

جاوائي واگهه Javan Tiger


انڊونيشيا جي ’جاوا‘ نالي ٻيٽ   تي رهڻ ڪري هن واگهه کي جاوائي واگهه سڏيو وڃي ٿو. اڄڪلهه جاوائي واگهه دنيا ۾ تقريباً اڻلڀ ٿي ويو آهي، ممڪن آهي ته انساني نظر کان ڏور ڪنهن ماڳ تي هن واگهه جو ڪو وجود هجي، پر گهڻو امڪان آهي ته هي جانور هاڻ ختم ٿي چڪو آهي، جانورن بابت  هڪ رپورٽ موجب 1950ع ۾ 25 جاوائي واگهه موجود هئا، پر  1996ع ۾ آيل هڪ رپورٽ ۾ ٻه کان چار جوڙا موجود هئڻ جو ثبوت ملي ٿو، ان ڪري هن وقت سندس هئڻ يا نه هئڻ بابت ويساهه سان ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي.

هي ننڍي قد بت وارو هڪ واگهه آهي، جاوائي واگهه جي هڪ نر جو وزن 100 کان 141 ڪلو گرام ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هڪ صحتمند ماديءَ جو وزن 75 کان 115 ڪلوگرام ٿيندو آهي.

سهڻي کل سبب هن واگهه جو تمام گهڻو شڪار ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اندازو آهي ته واگهه جو هي نسل دنيا مان لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي.