ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13667   ڀيرا پڙهيو ويو

برمن ٻلي Birman cat


برمن ٻليءَ جو شمار دنيا جي هوشيار، چست ۽ دوست مزاج ٻلين ۾ ٿئي ٿو. سندس اصل وطن برما آهي، شڪل شبيهه ۾ پڻ هي ’برمي ٻلي‘ (Burmese cat) جهڙي لڳي ٿي، پر نسلي لحاظ کان هي پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکي ٿي. هن ٻليءَ جو شمار وچولي ٻُر (Semi longhair)وارين ٻلين ۾ ٿئي ٿو. برمن ٻليءَ جون اکيون  عام طور نيريون ٿينديون آهن، پر ڪا برمن ٻلي سونهري اکين واري پڻ ٿيندي آهي. هن ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ آهن، جن مان ڀورو، چاڪليٽي، هيڊو بادامي ۽ ڪارو خاص ذڪر لائق آهن.

برمن ٻليءَ جي مٿي کان پولهه تائين ڊيگهه ٻه کان اڍائي فوٽ ۽ وزن 8 کان 10 ڪلو گرام تائين ٿي سگهي ٿو.

هي ٻلي سهڻي ۽ ذهين قسم جي ٻلي آهي، ۽ هر وقت هوشيار ۽ خبردار رهي ٿي، تنهنڪري پنهنجي اوسي پاسي ۾ ٿيندڙ حرڪتن تي هميشه سندس  ڌيان رهندو آهي. راند جي گهڻي شوقين آهي، جنهنڪري هر وقت پئي ٺينگ ٽپا ڏيندي آهي. هي سونهن ۽ سوڀيا ۾ به  سرس آهي ته وفادار به حد درجي جي آهي ۽ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ ماڻهو جي صحبت کي وڌيڪ پسند ڪندي آهي. ماڻهوءَ سان سندس رويو دوستاڻو ۽ پنهنجائپ وارو هوندو آهي، پر گهر ۾ ٻين جانورن جي موجودگي کيس اصل ڪانه وڻي، ان ڪري گهر ۾ ڪو ٻيو  جانور اچي ويو ته ان تي سخت احتجاج ڪندي آهي، جنهن ڪري کيس ساڙولي ٻلي چيو ويندو آهي. هيءَ هوشيار ۽ سمجهو ٻلي آهي ان ڪري آسانيءَ سان سندس تربيت ڪري سگهجي ٿي.

برمن ٻليءَ جي مادي هڪ پيٽ تي 4 کان 6 ٻچا ڄڻي ٿي، جن جي سراسري عمر 15 کان 20 سال ٿيندي آهي.