ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13691   ڀيرا پڙهيو ويو

آسٽريليائي مسٽ ٻلي cat Australian mist


هي ننڍي ٻُر (Shorthair) وارين ٻلين جي نسل واري هڪ پالتو ٻلي آهي. هن ٻليءَ جو اصل وطن آسٽريليا آهي، پر هاڻ برطانيا ۽ اُتر آمريڪا ۾ پڻ ملي ٿي. ’آسٽريلين مسٽ‘ قديم نسل جي ٻلين ’اباءِ سينين‘ (Abyssinian) ۽ ’برمي‘ (Burmese) جو خار آهي، جيڪو نسل راني ذريعي تيار ڪيو ويو آهي. هن ٻليءَ کي ’چٽڪمري آسٽريليائي مسٽ‘  (Spotted Australian Must) پڻ سڏيو ويندو آهي. . Mist لفظ جي لغت ۾ معنيٰ آهي، ”ڌنڌ يا ڪوهيڙو“. هن ٻليءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو. ان بابت ڪي به شاهديون نٿيون ملن. قدبت ۾ هي برمي ٻليءَ جيڏي ٿئي ٿي. رنگ جي لحاظ کان آسٽريليائي مسٽ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا جهڙوڪ: ڀورو سليٽي، نيرو، چاڪليٽي، هيڊو واڱڻائي، زرد، سونهري ۽ نارنگي ڦڪو وغيره.

هيءَ ٻليءَ   مٿي کان ڌڙ تائين سراسري 24 انچ ڊگهي ٿئي ٿي، جڏهن ته سندس   وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

آسٽريليائي مسٽ هوشيار، وفادار ۽ ڀروسي جوڳي ٻلي آهي. سونهن سوڀيا جي اعتبار کان پڻ بيحد سهڻي  آهي. هي ماڻهن توڙي ٻين پالتو جانورن سان دوستاڻو سڀاءُ رکي ٿي. ايستائين جو اوپرن ماڻهن سان پڻ سندس رويو پنهنجائپ وارو هوندو آهي. انهن گڻن ڪري کيس گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. هي ٻلي آسٽريليا، برطانيا ۽ اتر آمريڪا کان سواءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏي چاهه سان پالي وڃي ٿي.

آسٽريليائي مسٽ جي مادي هڪ پيٽ تي 2 کان 4 ٻچا ڄڻي ٿي. جن جي سراسري عمر 14 سال ٿيندي آهي.