ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13712   ڀيرا پڙهيو ويو

ڳاڙهي ڪارڪني يا ڪاراڪل Red lynx or Red Caracal


ڳاڙهي ڪارڪني ۽ هماليائي ڪارڪني ڪاراڪل (ڪارا ڪن) ٻلين جو هڪڙو ئي نسل آهي. ٻنهيءَ جا ڪن وڏا ۽ اُڀا هوندا آهن ۽ ڪنن جي چوٽيءَ تي ڏيڍ انچ اڀو وارن جو ڇڳو اينٽينا جو ڪم ڏيندو آهي.  ڳاڙهي ڪارڪني جو منهن گول ۽ پويون ٽنگون ڊگهيون ٿين ٿيون. هماليائي ڪارڪنيءَ جي ڀيٽ ۾ ڳاڙهي ڪارڪنيءَ جو منهن ۽ جسم ننڍو،  سنهون ٿيندو آهي. ڪنن تي وارن جي چوٽي ته هوندي آهي، پر هماليائي وانگر هن کي ڏاڙهي ڪو نه ٿئي.

ڳاڙهي ڪارڪنيءَ جي سر کان ڌڙ تائين ڊيگهه 25 انچ ۽ پڇ 10 انچ ٿيندو آهي. هن جا پير ڪمزور ٿين ٿا ۽ پيرن تي هماليائي وانگر وار نه هوندا آهن. ڳاڙهي ڪارڪنيءَ جي ڪنن جي پٺ بالغ ٿيڻ کان اڳ ڪاري رنگ جي هوندي آهي، ۽ بالغ ٿيڻ کان پوءِ رڳو ڪناري ڪاري ۽ باقي ڪن سليٽي رنگ جا ٿي ويندا آهن. ڳاڙهي ڪارڪني يا ڪارا ڪل جي جسم جو رنگ ڳاڙهسرو يا گلابي ڀورو ۽ جسم تي ننڍا وار ٿيندا آهن. جڏهن ته ڄاڙي، ڳچي ۽ پيٽ تي زرد ڀوري رنگ جي ٻُر ٿيندي اٿس، جنهن تي هلڪا چٽا ٿين، باقي ٻي جسم تي چٽا ڪون ٿين، البته اکين جو رنگ زرد ڀورو ۽ اکين وٽان نڪرندڙ  ٻه ڪارا پٽا هن ٻليءَ جي خاص سڃاڻپ آهن.

پاڪستان ۾ هي ٻلي خشڪ جبلن، غير آباد ۽ ريگستاني علائقن ۾ ملي ٿي. هي  تيز رفتار ٻلي آهي، اهو ئي سبب آهي جو وس ڪري ڪو شڪار کانئس بچي نه سگهندو آهي. سندس شڪار جو دارومدار موسم تي هوندو آهي. گرمين ۾ رات جو ۽ سردين ۾ ڏينهن جو شڪار لاءِ نڪري ٿي. سندس خوراڪ ۾ هرڻ، سها، لومڙي، رڍ، ٻڪري، گدڙ، ڪوئا ۽ پکي شامل آهن، پکين ۾ نيرڳ ۽ ڪبوتر شوق سان کائي ٿي. پکين جي شڪار ۾ ايڏي ته ماهر هوندي آهي، جو اڏامڻ کان اڳي ئي ٻه ٽي پکي جهلي وٺندي آهي. هن ٻليءَ لاءِ مشهور آهي ته اها هر قسم جو زهريلو نانگ ماري کائي وڃي ٿي.

ڪارا ڪل ٻلي ڪيترا ڏينهن پاڻي کانسواءِ به گذارو ڪري سگهي ٿي. جيئن ته هي ٻلي آسانيءَ سان وڻن تي چڙهي ويندي آهي، ان ڪري شينهن يا ڪتي وغيره جي حملي وقت ڊوڙي وڻ تي چڙهي ويندي آهي.

ڪارا ڪل ٻلي پنهنجو گهر نه ٺاهيندي آهي. هوءَ ٻچا ڄڻڻ ۽ رات جا چار پهر گذارڻ لاءِ گهاٽي گاهه، پاهڻن جي اوٽ يا ڪنهن ڏر ۾ ويهندي آهي. اڪثر اڪيلي گذاري ٿي، نر سان گڏ رڳو اپريل کان نومبر جي وچ واري عرصي ۾ نظر ايندي آهي ۽ لڳ ڀڳ 70 ڏينهن جي پيٽ کان پوءِ 2 کان 6 ٻچا ڄڻي ٿي. ڄمڻ وقت ٻچن جو رنگ زرد ڀورو ٿيندو آهي، جيڪي 9 کان 10 ڏينهن کان پوءِ اکيون کوليندا آهن ۽ ٽن مهينن تائين گهر اندر رهندا آهن. جيتوڻيڪ کيس پالي سگهجي ٿو، پر سندس وحشي جبلت ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي. ماهرن جي تحقيق مان پتو پوي ٿو ته هن ٻليءَ حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي پڻ زخمي ڪري وڌو آهي.

ڪاراڪل ٻلي پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ ملي ٿي. پنجاب ۾ بهاولنگر، بهاولپور، چولستان، سرگوڌا، ڪوهستان، اٽڪ ۾. جڏهن ته بلوچستان جي چاغي، خاران، مڪران، قلات ۽ لورالائي، خيبر پختونخواهه جي وزيرستان ۽ ٽانڪ جي علائقن کانسواءِ سنڌ اندر ٿرپارڪر، لاڙ، ڪوهستان ۽ ڪچي وارا جوءِ  ۾ نظر اچي ٿي. پاڪستان کان ٻاهر آفريڪا کنڊ جا ڪيترائي ملڪ سندس جوءِ ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا.