ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13688   ڀيرا پڙهيو ويو

بالي واگهه (Bali Tiger)


انڊونيشيا جي اولهه ۾ ’بالي‘  (Bali) نالي هڪ ٻيٽ   آهي، جيڪو جاوا(java)   ۽ لومباڪ(lombak) ٻيٽن جي وچ ۾ آهي، هن ٻيٽ تي موجود ٻيلن ۾ رهندڙ واگهه کي ’بالي واگهه‘ سڏيو ويندو هو. اندازو آهي ته واگهه جي هيءَ جنس ويجهڙائي وارن ڏهاڪن ۾ ختم ٿي چڪي آهي، پر سندس پراڻيون تصويرون اڄ به موجود آهن. پر اهو به ممڪن آهي ته بالي ٻيٽ جي ٻيلن ۾ هن نسل جي جانور جا ڪي جوڙا اڃا به موجود هجن، پر ان جي باقاعده ڳولا نه ڪئي وئي آهي.

بالي واگهه دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو واگهه آهي جنهن جي هڪ نر جو وزن 90 کان 100 ڪلوگرام آهي، جڏهن ته ماديءَ جو وزن 65 کان 80 ڪلو گرام ٿئي  ٿو. تصوير ۾ ڏيکاريل هي بالي واگهه 27 سيپٽمبر 1937ع تي ماريو ويو هو.