ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13660   ڀيرا پڙهيو ويو

روسي نيري ٻلي Russian blue cat


روسي نيري ٻلي ننڍي ٻُر (Shorthair) وارين ٻلين جي هڪ جنس آهي ۽ سندس اصل وطن روس جي هڪ رياست ’آرچينجل‘ Archangels)آهي. هن رياستي سڃاڻپ جي حوالي سان کيس ’آرچينجل‘ Archangel پڻ سڏيو ويندو آهي ۽ رنگ جي لحاظ کان وري کيس ’نيري چاندي رنگي‘ (Blue/silver)چيو ويندو آهي. هن ٻليءَ جا ٿورا رنگ ٿين ٿا، جن مان نيرو، اڇو، سليٽي ۽ هيڊو بادامي گهڻا مشهور آهن. هن ٻليءَ جا ڪن وڏا ۽ اکيون گول هونديون آهن. مٿي کان پولهه تائين سندس سراسري ڊيگهه ٻه فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي. هن ٻليءَ جو جسم ڊگهو ۽ سڊول ٿئي جنهن تي گهاٽي ۽ وڏي ٻُر ٿيندي آهي،  جيڪا کيس روس ۾ پوندڙ سخت سيءَ کان بچائي ٿي.

هي هوشيار ۽ گهڻي راند کيڏڻ واري ٻلي آهي. جنهن ڪري کيس گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. هن ٻليءَ کي آسانيءَ سان تربيت پڻ ڏيئي سگهجي ٿي. ماڻهوءَ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ هن ٻليءَ کي  گهڻو وڻندو آهي ، پر ڌارين ماڻهن کان  ٽهي ٿي. جيئن ته  هي روسي ٻلي آهي، پر ٻين ٻلين وانگر هي ٻلي پڻ پهرين روس مان برطانيا آندي وئي، جتان  پوءِ آمريڪا جو سفر طئي ڪيائين.  روسي نيري ماٺيڻي ۽ خوبصورت ٻلي آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهو کيس ڏاڍي چاهه ۽ شوق سان پالين ٿا.