ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13646   ڀيرا پڙهيو ويو

واگهه Tiger


واگهه کي اسان ٻلي شينهن چئون، پر حيوانيات جا ماهر کيس دنيا جي وڏي ۾ وڏي ٻلي سڏين ٿا. ڪيئن به هجي پر هن جانور جي منڍيءَ کان ڌڙ تائين  ڊيگهه ست فوٽ،  ۽ پُڇ 3 فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. هڪ صحتمند نر واگهه جو وزن 190 ڪلوگرام ۽ مادي 136 ڪلوگرم وزني ٿيندي  آهي. واگهه جي سراسري عمر ويهه سال ٿئي ٿئي. سندس رنگ ڳاڙهو-ڀورو ۽ کل مٿان ڪارا پٽا ٿيندا اٿس. اڳيون ٽنگون  مضبوط هئڻ ڪري هي جانور ايترو ته طاقتور آهي، جو هڪ مينهن کي به آسانيءَ سان گهلي کڻي وڃي ٿو. واگهه گرم ۽ برساتي علائقن ۾ رهي ٿو. گهڻي گرمي ۽ تکي اُس کان بچاءَ خاطر  پوسل وارن هنڌن تي ويهندو آهي. لاڳيتي شڪار، ڪوڙڪين ۽ زهر سبب اڄڪلهه هن جو تعداد تمام ٿورو وڃي بچيو آهي. ڪجهه سال اڳ اوڀر ترڪيءَ، پاڪستان، هندستان، بنگال، چين، برما، انڊونيشيا، ملائيشيا، فلپائين، ٿائيلينڊ، ڪوريا ۽ اوڀر ڏکڻ روس ۾ عام جام هو. هڪ اندازي موجب ويهين صديءَ جي شروع ڌاري سڄي دنيا ۾ 2200 واگهه موجود هئا، پر 1970ع جي ڪيل هڪ سروي مطابق هنن جو تعداد گهٽجي هڪ هزار وڃي بچيو هو. جنهن کان پوءِ  حڪومتن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو، ۽ واگهه جي شڪار تي پابندي  هڻي ڇڏي. نتيجي ۾ هن وقت  سندن تعداد وڌي تقريباً 700 ٿي ويو آهي. قديم دؤر ۾ واگهه جا ڪيترائي  نسل هئا، جن مان هاڻ صرف اٺ نسل بچيا آهن، جن مان هڪڙو نسل اهڙو به آهي جنهن جو رنگ اڇو ڀورو آهي، ۽ تمام ٿوري تعداد ۾ ملي ٿو. روس ۽ چين جي علائقي ۾ ملندڙ واگهه گهڻي ڀاڱي پيلو ۽ ٿورو اڇو ٿئي ٿو.

واگهه جون عادتون ٻليءَ سان ملن ٿيون. هيءُ ٻليءَ جيان چنبي سان پنهنجا ڳل مهٽيندو آهي. واگهه جون ماديون هڪٻئي جي ويجهو نه وينديون آهن. هو اڪثر ڪنهن نر جي ڳولا ڪنديون آهن ۽ انهيءَ سان گڏ گهمنديون آهن. هر هڪ واگهه جي پنهنجي ڌار ڌار جوءِ ٿيندي آهي، جنهن جي حد 25  ميلن  تائين ٿي سگهي ٿي. هو پنهنجي جوءِ جي سرحد وٽ ٻوٽن تي، جسم مان نڪرندڙ خوشبوءِ جي ڦوهار  ڇڏيندو آهي، جنهن جي سنگهڻ کان پوءِ ڪو به ٻيو واگهه ان حد ۾ داخل نه ٿيندو آهي.

واگهه ڏينهن جي وقت آرام ڪري ٿو ۽ اوندهه ٿيڻ کان وٺي، سڄي رات تائين شڪار جي ڳولا ڪندو آهي. ڍنڍن ۽ ندين نالن جي ڀر ۾  ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جي وقت پڻ شڪار ڪندي نظر اچي ٿو، پر اهو ان وقت جڏهن کيس شڪار نه لڳو هجي. هي ترڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ  آهي ۽  ڍنڍ ۾ 3 ڪلوميٽرن تائين تري وڃي ٿو. سندس ڪيل شڪار جيڪڏهن کائڻ کان گهڻو هجي ته، بچيل گوشت لڪائي ڇڏيندو آهي، ۽ بک لڳڻ تي ٻيهر کائي ٿو. واگهه اڪثر ڪري هرڻ، مارخور، جهنگلي سوئر ۽ وڏن جانورن جا ٻچا شڪار ڪري ٿو، پر ماڻهوءَ کان لهرائيندو  آهي.

واگهه جي مادي هڪڙي پيٽ تي  عام طرح ٻن کان ٽي ٻچا ڏي ٿي، ۽ ڪن خاص حالتن ۾  هڪ کان ڇهه ٻچا پڻ ڏيندي آهي. ڄمڻ وقت ٻچن جو وزن ڏيڍ کان ٻه ڪلوگرام هوندو آهي، جيڪي ڄمڻ وقت بلڪل انڌا هوندا آهن ۽ اٺين ڏينهن اکيون کولين ٿا. ماءُ هنن کي ڏيڍ کان ٻن مهينن تائين کير پياريندي آهي، ۽ ٻن سالن جي عمر ۾ سندس ٻچا بالغ ٿي وڃن ٿا.