ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13707   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪافري ٻلي Caffre cat


هي آمريڪا جي جهنگلي ٻلي آهي. قدامت جي لحاظ کان ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته هي انهن پهرين ٻلين مان آهي، جن کي ماڻهن پالڻ شروع ڪيو هو يا کاڌي واري خيال کان سندس ابا ڏاڏا ماڻهن جي آباديءَ ۾ اچي رهيا. هي ٻلي گهريلو يا پالتو ٻلين کان قدبت ۾ ڪجهه وڏيرڙي ٿئي ٿي. هن ٻليءَ جي جسم تي نارنگي ڀوري رنگ جي ٻُر ۽ ان مٿان گهرا ڪارا داغ يا چٽا ٿين ٿا. هن ٻليءَ جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه پوڻا ٽي کان ٽي فوٽ، پُڇ جي ڊيگهه هڪ کان سوا فوٽ، ڪلهن تائين قد تقريباً منو فوٽ ۽ وزن ٽي کان ساڍا ٽي ڪلو گرام ٿيندو آهي.

ڪافري ڪيٽ پنهنجو کاڌو شڪار ذريعي حاصل ڪري ٿي. سندس خوراڪ ۾ پکي ۽ ننڍا جيت وغيره شامل آهن. هي ٻلي بهار جي موسم ۾ لڳ ڪري ٿي ۽ تقريباً 56 ڏينهن جي حمل کان پوءِ 2 کان 5 ٻچا ڄڻي ٿي.

هن ٻليءَ جا ڪجهه ٻيا قسم به  آهن، جيڪي ڪوروشيا، سار ڊينيا، ڪريٽ ۽ ميڊيٽيرين وغيره جي سامونڊي ٻيٽن تي رهن ٿا.