ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13689   ڀيرا پڙهيو ويو

مينڪس (Manx)


مينڪس ٻليءَ جو اصل وطن اسپين آهي. هي ٻلين جي ڪا خاص جنس نه آهي ۽ نه ئي وري انسانن طرفان هٿرادو طور تيار ڪئي وئي آهي، پر جهنگ ۾ رهندڙ پڇ وارين ۽ بنا پڇ وارين ٻلين جي ٻن مختلف جنسن جو خار آهي. مينڪس ٻليءَ کي پڇ بنهه ڪو نه ٿئي ۽ جي وري ٿئي تڏهن به تمام ننڍڙو، تنهنڪري عام طور هن ٻليءَ کي بنا پڇ واري ٻلي  چئي سگهجي ٿو. مينڪس ’ننڍي ٻُر‘ (Shorthair) واري به ٿئي ته ’وڏي ٻُر‘ (Longhair) واري پڻ. شڪل شبيهه ۾ هي  گول مول لڳندي آهي. سندس مٿو، ڳٽا، ٽنگون ۽ جسم گول هوندا آهن. هن جي ڇاتي ويڪري، اکيون گول، ڪن ننڍا، اڳيون ٽنگون ننڍيون، جڏهن ته پويون ٽنگون ٿورڙيون وڏيون ٿينديون آهن. پويون ٽنگون مينڪس ڪڏهن به سڌيون نه ڪندي آهي، اهي هميشه مڙيل رهنديون آهن. قدبت ۾ هي  گهريلو ٻليءَ جيڏي ٿيندي. مينڪس ٻلي اڇي به ٿئي ٿي ته سليٽي پڻ. سندس ٻيا رنگ، اڇو ڳاڙهو، ڪارو اڇو، ڪارو نيرو ٿين ٿا. هن نسل جون ڪجهه ٻليون گاڏڙ رنگن واريون پڻ ٿينديون آهن، پر سڀني رنگن ۾ اڇو رنگ وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي. سندس ٻُر لسي ۽ نرم ٿئي ٿي. مينڪس ٻليءَ جي  نر جو وزن 5 کان 6 ڪلو گرام  ۽  ماديءَ جو وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

هي ٻلي شڪار ۾ ڏاڍي ڀڙ آهي، تنهنڪري ڪو به شڪار کانئس ورلي بچي ٿو. مينڪس پالتو، هوشيار ۽ کيڏڻ واري ٻلي آهي. ٻارن ۽ رانديڪن سان راند ڪرڻ کيس گهڻو وڻي ٿو. ماڻهن سان پيار ڪري ٿي، تنهنڪري گهر ۾ گهر ڀاتي ٿي رهي ٿي ۽ اُتي موجود ٻين پالتو جانورن سان پڻ ريس ڪو نه ڪري.  گهڻي ميائو ڪرڻ به کيس گهڻو ڪو نه وڻي، انڪري گهٽ آواز ڪڍندي آهي. منجهس سکڻ جي صلاحيت  تمام گهڻي آهي، ان ڪري جيڪڏهن کيس سکيا ڏجي ته دروازو کولڻ ۽ بند ڪرڻ جهڙا ڪم به آسانيءَ سان سکي ويندي آهي.

ڄمڻ وقت مينڪس جي ٻچن کي پڇ هوندو ئي نه آهي، پر ٻچا  جيئن جيئن وڏا ٿيندا آهن، ته ڪن ٻچن کي پڇ نڪري ايندو آهي ۽ جوانيءَ تائين پڇ ننڍو ۽ ائين نظر ايندو آهي، ڄڻ ڪنهن وڍي يا پٽي ڇڏيو هجي. مينڪس جا ٻچا پنجن سالن جي عمر ۾ بالغ ٿي وڃن ٿا. مينڪس ٻليءَ جي عمر 18 کان  20 سال ٿيندي آهي.