ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13702   ڀيرا پڙهيو ويو

جيگئارندِي (Jaguarandi)


جيگئارندِي، ٻليءَ جي نسل جو هڪ جانور آهي. قدبت جي لحاظ کان هي هڪ ننڍي شينهن وانگر لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ کيس  ٻلي چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو. جيگئارندي اهڙي جهنگلي ٻلي آهي، جيڪا پوما ۽ ڪائوگر کان گهڻي وڏي ٿئي ٿي. جيگئارندي کي (Leoncillo) پڻ سڏجي ٿو، جيڪو اسپيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ننڍڙو شينهن.“ ان کان سواءِ لڌڙي جهڙو رنگ هجڻ ڪري کيس ”لڌڙو ٻلي“  (Otter cat) پڻ چيو ويندو آهي.

جيگئارندي جو جسم سڊول، پڇ ڊگهو، ڪن ننڍا ۽ گول، ٽنگون ننڍيون، جسم جو رنگ عام طرح ڳاڙهو سليٽي، پر ڪن ڪن علائقن ۾ موسمي اثر سبب ڌار به ٿي سگهي ٿو. جيگئارندي جو هڪ ٻيو قسم به ٿيندو آهي جنهن کي (Eyra) سڏيو وڃي ٿو،  جيڪو برازيل، پيراگئي، ڏکڻ ميڪسيڪو، پيرو ۽ اَيريزونا ۾ ملي ٿو، ان جون عادتون ۽ انداز (Jaguarandi) جهڙو ٿئي، پر رنگ سليٽي يا وري ڳاڙهو پيلو ٿئي. هي قسم ڏسڻ سان پوما يا ڪائوگر جهڙو لڳي ٿو، پر قدبت ۾ پوما کان گهڻو وڏو ٿيندو آهي. جيگئارندي جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 35 کان  50 انچ، پڇ جي ڊيگهه تقريباً 20 انچ ۽ وزن 9 کان 10 ڪلو گرام ٿئي ٿو.

جيگئارندي گهڻو ڪري رات جي وقت شڪار ڪندي آهي. هي پالتو نه آهي، ان ڪري جهنگ ۾ رهڻ پسند ڪري ٿي. هي سٺي ڊوڙو آهي ، تنهنڪري 45 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿي.  جيگئارندي بهترين چاڙهو پڻ آهي، ان ڪري شڪار جي خيال سان وڻن تي چڙهي وڃي ٿي، پر شڪار گهڻو ڪري زمين تي ئي ڪندي آهي. مڇي، ننڍا جانور، سها، ڪوئا، سانڊيون ۽ پکي وغيره سندس خوراڪ ۾ شامل آهن.

جيگئارندي جي مادي 70 ڏينهن جي حمل کان پوءِ هڪ پيٽ تي 1 کان 4 ٻچا ڏي ٿي، ڄمڻ وقت ٻچن جي جسم تي چٽا ٿين، جيڪي بالغ ٿيڻ تائين مِٽجي ويندا آهن. جيگئارنديءَ جي سراسري عمر 14 سال ٿيندي آهي. جئگئارندي فرينچ گئانا، ٽيڪساس، ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا ۾ ملي ٿي.