ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13685   ڀيرا پڙهيو ويو

خوريٽ ٻلي cat Khorat


خوريٽ هڪ قسم جي جهنگلي ٻلي آهي، جيڪا ٿائلينڊ جي اتر اوڀر وارن جهنگلن ۾ رهندي هئي، جتان هٿ ڪري سندس پالتو نسل تيار ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ هاڻ سڄي دنيا ۾ هي نسل پالتو ٻليءَ طور سڃاتو وڃي ٿو. خوريٽ کي ’ڪوريٽ‘ ٻلي پڻ سڏيو ويندو آهي. هي ٿائي ٻلين جو هڪ قديم نسل آهي. ٿائلينڊ ۾ هن ٻليءَ کي’ سِساوَت‘ (Si-sawat) سڏيو وڃي ٿو. هي سهڻي ۽ وڻندڙ هڪ رنگي ٻلي آهي.  ۽ سندس نيرو رنگ گهڻو مشهور آهي. ٻيا جيڪي رنگ هن ٻليءَ جا ٿين ٿا، انهن ۾ چاڪليٽي، سونهري ۽ خاڪي شامل آهن، چاڪليٽي رنگ واريءَ جو سڄو جسم چاڪليٽي ۽ اکيون پيليون ٿينديون آهن، خاڪي رنگ ٻليءَ جون اکيون سايون بلوري ۽ سونهري رنگ جون ٿين. هن جون اکيون ٻن سالن تائين رنگ مٽائينديون رهنديون آهن ۽ پوءِ هميشه لاءِ هڪ رنگيون ٿي وينديون آهن.

جسامت جي لحاظ کان خوريٽ يا ڪوريٽ ڪي ننڍيون ته ڪي وچوليون ٿين. هن ٻليءَ جا ڪن وڏا، ڇاتي ويڪري، پويون ٽنگون  وڏيون، مٿو دل جي شڪل جهڙو ٿيندو آهي. سندس وزن ساڍا ٽي کان ساڍا چار ڪلو گرام ٿئي ٿو.عام طرح اڇي نيري رنگ واري خوريٽ گهڻي پسند ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته هن رنگ کي ڪن ملڪن ۾ دولت جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري گهڻا ماڻهو هن رنگ واري خوريٽ کي شوق سان پاليندا آهن. خوريٽ ٻليءَ جي مڃتا ۽ گهرج ۾ واڌارو تڏهن آيو، جڏهن 1959 ۾ ٿائلينڊ جي سفير آمريڪا کي خوريٽ جو جوڙو تحفي ۾ ڏنو هو، جنهن کان پوءِ نسل راني ڪرائيندڙ هڪ نجي ڪمپني ٿائلينڊ مان وڌيڪ خوريٽ گهرائي انهن جي نسل راني ڪرائي.

خوريٽ ٻليءَ جي ٻڌڻ جي صلاحيت تمام گهڻي آهي ۽ هي ننڍي کان ننڍو آواز به آسانيءَ سان ٻڌي سگهي ٿي. ٻڌڻ سان گڏ هن ۾ سونگهڻ جي صلاحيت به گهڻي آهي. هي بنهه چست ۽ کيڏڻ واري ٻلي آهي. گهر ڀاتين کان سواءِ نئين ماڻهو سان به رلي ملي وڃي ٿي، نولائي ڪا نه ٿي ۽ نڪي ٻين پالتو جانورن کان ٽهي. هي بيحد وفادار ٻلي آهي، جنهن ڪري سندس مانُ ۽ ملهه گهڻو ٿي پيو آهي.