ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13723   ڀيرا پڙهيو ويو

تيندئو ٻلي Leopard cat


هن ٻليءَ جو قد ڪاٺ اسان جي پالتو ٻلين جيترو ٿئي ٿو البته مٿو ننڍو، ٽنگون ڊگهيون، پڇ ننڍو ۽ ڪن ننڍا ۽ گول ٿيندا آهن. ڪنن جي ٻنهي پاسي اڇا داغ نمايان آهن. رنگ ۽ چٽن سبب هي ٻلي هوبهو تيندئي جهڙي لڳندي آهي، جنهن ڪري کيس تيندئو ٻلي چيو وڃي ٿو. هن جي سڄي جسم تي ڳاڙهي پيلي ٻُر ۽ ٻُر تي ڪاري ۽ ڀوري رنگ جا ننڍا داغ يا چٽا ٿيندا آهن. اهڙي چٽن جون چار قطارون سندس مٿي کان ڪنڌ ڏانهن وڃن ٿيون. پڇ تي اهي چٽا هڪٻئي سان گڏجي ڇلن جو ڏيک ڏيندا آهن، جڏهن ته پڇ جي چوٽي نج ڪاري ٿيندي آهي. هن جو منهن گول ٿئي  ۽  ڳٽن واري هنڌ ٻه ننڍا پٽا نظر ايندا آهن، جن مان هيٺيون پٽو ڳچي تائين هليو ويندو آهي. تيندئو ٻليون جيڪي گرم علائقن ۾ رهن، انهن جو رنگ گهرو ڀورو،  سرد آبهوا ۾ رهندڙ هلڪي ڀوري رنگ جون ٿين ٿيون. پر اکين جو رنگ سڀني جو ساڳيو، سونهري ۽ سائو ٿيندو آهي. تيندئي ٻلي جي سر کان ڌڙ تائين ڊيگهه 24 انچ ۽ پڇ 10 کان 12 انچ ٿيندو آهي. هن ٻلي جو وزن عام طرح 3 کان 4 ڪلو ، پر ڪي 5 ڪلو گرام جون پڻ ٿين ٿيون.

تيندئو ٻلي غيرآباد ۽ خشڪ علائقن ۾ اهڙي هنڌ رهندي آهي، جتي پاڻي ويجهو هجي. هي سٺي تارُو ۽ چاڙهو پڻ آهي، ان ڪري اڪثر وڻن جي ڏارن تي ستل نظر اچي ٿي. جيئن ته سندس ٻچا وڻن تي چڙهي نه سگهندا آهن، ان ڪري ٻچا پالڻ وقت ڪريل وڻن جي پور، پاهڻن جي اوٽ يا گهاٽين ٽارين وارن ٻوٽن جي هيٺان گهر ڪري ويهندي آهي. هي ٻلي ڏينهن جي وقت آرام ڪري ٿي ۽ سج لٿي مهل ٻاهر نڪري سڄي رات شڪار جي ڳولا ڪندي آهي. جيتوڻيڪ هن جي خوراڪ ۾ سها، ڪوئا، نوريئڙا ۽ سانڊيون وغيره شامل آهن، پر پکي پڻ ڏاڍي شوق سان کائيندي آهي، ان ڪري جهنگلي پکين کان سواءِ ماڻهن جا پالتو پکي پڻ کڻي ويندي آهي.

تيندئو ٻلي هڪ آزاد مزاج جانور آهي، ان ڪري کيس پالي نه ٿو سگهجي. اهڙيون ڪجهه ٻليون راڻي باغن ۾ رکيون ويون آهن پر ان قيد ۾ سندن مزاج ڏاڍو شوخ ٿي ويندو آهي، البته هن ٻلي جا ٻچا پالي کين  وقتي طور گهريلو ڪري سگهجي ٿو.

تيندئو ٻلي بهار جي مند ۾ ٻچا ڪندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن سال ۾ ٻيو ڀيرو سرءُ ۾ پڻ ٻچا ڪري. هي هڪ پيٽ تي 3 کان 4 ٻچا ڄڻي ٿي، جيڪي هڪ سال ۾ بالغ ٿي ويندا آهن. هن ٻليءَ جي وڌ کان وڌ عمر 13 سال ٿيندي آهي. تيندئي ٻلي جو وطن پاڪستان جي اترين علائقن کان سواءِ هندستان، بنگلاديش، مليشيا، فلپائن، چين ۽ ڪوريا آهي. بنگلاديش ۾ هن ٻليءَ کي ’بن برل’ (Ban biral) چيو ويندو آهي.