ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13543   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ريسرچ سيل يا تحقيقي شعبي ۾ گهڻي عرصي کا ڪي اڻپورا مسودا پيل هئا، جن تي فردن جي محنت ۽ اداري جا فنڊ سيڙايل هئا. ان ڳالهه کي محسوس ڪندي گذريل سال کان اهڙا مسودا ، جيڪي اڳوڻن بورڊ آف گورنرس پاران منظور ٿيل هئا، سي مڪمل ڪري ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي . ان ڏس ۾ هن شعبي جي سربراهه جناب خير محمد لغاريءَ کي اهڙيون هدايتون ڏنيون ويون ، جنهن گذريل سال ٻارن لاءِ تيار ڪيل هڪ تحقيقي ڪتاب ”دنيا جا عجوبا“ مڪمل ڪيو جيڪو جون 2009ع ۾ ڇپجي منظرعام تي اچي چڪو آهي . سندس هي ٻيو ڪتاب پڻ ٻارن لاءِ تيار ڪيل آهي، جنهن ۾ ٻليءَ جي خاندان وارن جانورن جي باري ۾ انسائيڪلوپيڊيائي ڄاڻ آهي. هي ٻئي ڪتاب ”ٻارن جي انسائيڪلوپيڊيا “ واري رٿا جو حصو هئا،جيتوڻيڪ اها هڪ ڌار رٿا طور هن وقت عمل هيٺ ناهي پر ان ڏس ۾ ٿيل ڪم کي تحقيقي شعبي جي ڪارڪنن وڏي محنت سان گڏ ڪري سهيڙيو هو، ان ڪري ان کي ٻارن جي معلوماتي ادب واري ضرورت کي سامهون رکندي، اٿارٽيءَ پاران شايع ڪيو پيو وڃي. هن ڪتاب کي سيڪنڊري اسڪولن جي ٻارن جي عمر کي ذهن ۾ رکي تيار ڪيو ويو آهي ۽ سندن دلچسپيءَ لاءِ رنگين تصويرن سان گڏ ضروري معلومات اهڙيءَ ريت ڏني وئي آهي جو ٻارن کي انهن جي مشهور انگريزي نالن سان گڏ سنڌي نالن جي به پروڙ پوي.اسان کي اميد آهي ته ڪتاب پڙهندڙن کي، خاص ڪري ٻارن کي پسند ايندو ۽ اهي اسان کي پنهنجن راين کان آگاهه پڻ ڪندا. ڊاڪٽر فهميده حسين