ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13701   ڀيرا پڙهيو ويو

ٽِگلن يا ٽگن (Tiglon or Tigon)


ٽگلن پڻ لائيگر وانگر ببر شينهن ۽ واگهه جي ميلاپ مان پيدا ٿيل هڪ هٿرادو جنس آهي، جيڪا ببر شينهن توڙي واگهه ٻنهي کان ننڍي ٿئي ٿي. فرق رڳو اهو آهي ته لائيگر ببر شينهن جي نر ۽ واگهه جي مادي جي ميلاپ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ ٽگلن وري ببر شينهن جي مادي ۽ واگهه جي نر مان پيدا ٿيندو آهي. هي جنس 20 هين صديءَ جي شروع ۾ پيدا ڪئي وئي هئي، ۽ اڄ تائين اهو سلسلو جاري آهي. ٽگلن ۾ ماءُ پيءَ واريون گڏيل خاصيتون هونديون آهن، پر قدبت ۾ هي ببر شينهن توڙي واگهه کان گهڻو ننڍو ٿئي ٿو.