ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13677   ڀيرا پڙهيو ويو

سائبيريائي ٻلي Siberian cat


هي روس ملڪ جي هڪ وڏي ٻلي آهي، جيڪا سڀ کان ٿڌي علائقي سائبيريا ۾ رهي ٿي. شڪل شبيهه جي لحاظ کان هي ٻلي ’ميني ڪُون‘ (Maine coon) ۽ ’نارويائي جهنگلي ٻلي‘(Norwegian forest) سان ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿي. سائبيريائي ٻليءَ کي روس  جي قومي ٻلي هجڻ جو  اعزاز پڻ حاصل آهي. جسامت جي لحاظ کان هي هڏڪاٺ واري، مضبوط ۽ سگهي ٻلي آهي. سندس ڇاتي ويڪري، ڪن وچولا، مٿو  ڪشادو، چنبا گول ۽ جسم تي ٿلهي ۽ وڏي ٻُر جا تهه ٿين ٿا، جيڪي کيس سرديءَ کان بچائيندا آهن. سائبيريائي ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جن ۾ بوسڪي، خاڪي، هيڊو واڱڻائي، هيڊو بادامي،  سونهري، ڪارو ۽ اڇو وغيره شامل آهن. هن ٻليءَ جي سراسري ڊيگهه 3 کان 4 فوٽ ۽ وزن 10 کان 11 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

هي وفادار، پيار ڪندڙ، دوست مزاج ۽ گهر جي ڀاتين ۽ پالتو جانورن سان جلد هري مري وڃڻ واري ٻلي آهي، ان ڪري شوق سان پالي وڃي ٿي. سائبيريائي ٻلي سار سنڀال ۾ پڻ بنهه سولي آهي. پنهنجي فطرت ۾  هي ڏاڍي چست ۽ ڦڙت ٻلي آهي. آسانيءَ سان وڏا ٽپ ڏئي سگهي ٿي. چالاڪ ۽ هوشيار هئڻ ڪري سندس مان به گهڻو آهي. هن کي سونهن سينگار ۽ صفائي سٺائي واري خيال کان ٻه ٽي ڀيرا ڪنگي ڪئي ويندي آهي. هي ’لانگهيئر‘Longhair گروپ وارين ٻلين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. سائبيريائي ٻلي هڪ پيٽ تي 3 کان 5 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سندس عمر 12 کان 16 سال ٿيندي آهي.