ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13662   ڀيرا پڙهيو ويو

ببر شينهن (Lion)


 

خونخوار جانورن ۾ ببر شينهن سڀني کان وڌيڪ  سگهارو ۽ طاقتور جانور آهي. سندس وحشت، ۽ دهشت  هنڌين ماڳين مشهور آهي. رات جي وقت  ببر شينهن جي گجگوڙ جو آواز پنجن ميلن تائين ٻڌي سگهجي ٿو. سندس گجگوڙ ۾ ايتري ته دهشت هوندي آهي، جو ڪمزور جانور اها جوءِ ئي ڇڏي ويندا آهن.

  ببر شينهن جي نر ۽ ماديءَ ۾ هڪ واضح فرق اهو به آهي ته ماديءَ جي ڪنڌ تي وار ڪونه ٿين، جڏهن ته نَرَ جي ڪنڌ ۽ ڳچيءَ تي وار ٿيندا آهن، جن جي ڊيگهه ڇَهن کان ڏهه انچ ٿئي ٿي. هڪ صحتمند ۽ جوان شينهن جو وزن ڇهه مڻ (240 ڪلو گرام) جڏهن ته مادي 160 ڪلو گرام يا ساڍا ٽي مڻن کان وڌيڪ وزني ٿي سگهي ٿي. ببر شينهن جي نڪ کان پولهه تائين ڊيگهه، ست کان  نو  فوٽ، جڏهن ته ڪلهن تائين قد 36 کان 40 _انچ ۽ پڇ ٽي فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي.

ببر شينهن صرف گرم ۽ ميداني علائقن ۾ رهي ٿو. ان ڪري آڳاٽي دؤر ۾ سنڌ ۽ هند ۾ به سندس وڏو تعداد موجود هو، پر اڄڪلهه ببر شينهن رڳو هندستان ۽ آفريڪا جي ميداني علائقن ۾ نظر اچن ٿا. جهنگ ۾ رات جو ببر شينهن جي حڪومت هوندي آهي، ببر شينهن  اڪثر ولرن جي صورت ۾ رهندا آهن. سندن ولر (pride) ۾ چار کان ٽيهه شينهن ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾  نر، ماديون ۽ ٻچا شامل هوندا آهن. نر  پاڻ ۾ ڀائر هوندا آهن ۽ سڀني کان سگهو شينهن ان ٽولي جو اڳواڻ هوندو آهي. شڪست کاڌل نر اها جوءِ ڇڏي ويندو آهي يا وري اڳواڻ جي اطاعت ڪندو آهي. شڪست کاڌل نر کي ماديون ڏند ڏيکارينديون آهن. جيڪڏهن اهڙو نر ماديءَ جي پچر نه ڇڏي ۽ لاڳيتو دٻاءَ ۾ رکيو اچي، ته مادي جُهڪي پوي ٿي. شينهن وڙهڻ مهل هڪ ٻئي کي ٻولائي وڙهندا آهن. ببر شينهن گرميءَ کان ڀڄندڙ آهي، ان ڪري ببر شينهن گرميءَ ۾ وڻن جي ڇانوَ ۾ آرام ڪندا آهن ۽ روزانو 16 کان 20 ڪلاڪ ننڊ ۾ گذارين ٿا. ببر شينهن جي آس پاس جيڪڏهن ڪو کڙڪو ٿئي ته سندس چهري جو وَنُ ئي بدلجي ويندو آهي. ڪنهن به کُڙڪي جو کُٽڪو ٻچن واري ماديءَ کي وڌيڪ ٿيندو آهي.  ببر شينهن جي بُکايل نه هوندو ته هروڀرو ڪنهن سان ناهي وڙهندو ، پر گُستاخي ڪندڙ جانور کي داٻو ڏيئي ڀڄائي ڇڏيندو آهي. ويڙهه کان اڳ مخالف کي دانهن ڪري خبردار ڪندو آهي. پر اهڙي نوبت گهٽ ايندي آهي، ڇو ته سڀ خونخوار جانور کانئس لهرائين ٿا. هن جو جهيڙو صرف پاڻ جهڙي اُن نَرَ سان ٿيندو آهي، جيڪو سندس علائقي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مروائن ڪووِي (mervyn cowie) پنهنجي ڪتاب ”آفريڪا جا شينهن“ (The African Lion) ۾ لکي ٿو ته ”شينهن تي تحقيق جي خيال سان اسان آفريڪا جي جهنگ ۾ ڪئمپ هنئي، هڪ رات شينهنَ جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. ڪيترائي ڪلاڪ اهي پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ۽ رڙين سان سڄو رڻ مٿي تي کڻي ڏنائون. صبح جو واقعي واري هنڌ وڃي ڏٺوسين، ته اتي هڪ  شينهن مُئو پيو هو.“

عام طرح چوندا آهن ته شينهن وڻ تي چڙهي نه سگهندو آهي. اها ڳالهه بلڪل سچي آهي ڇو ته ببر شينهن ڳرو جانور آهي. ان ڪري وڻ جي ڏار تي توازن قائم رکي نه سگهندو آهي. البته سندس مادي هلڪي هئڻ ڪري وڻن جي هيٺين ڏارن تي چڙهي وڃي ٿي.

فطري طرح ببر شينهن بي وفا ۽ خود غرض جانور آهي. جيڪڏهن ٽولي جو هڪ شينهن بيمار يا زخمي ٿي پوي ته ٻيا سڀ کيس اڪيلو ڇڏي هليا ويندا آهن. جنهن ڪري اهڙي شينهن کي اڪثر چراخ يا جهنگلي ڪتا کائي ويندا آهن. شينهن پنهنجا ماڳ ان وقت مٽائيندا آهن، جڏهن خشڪي ۽ سوڪهڙي سبب، گاهه خور جانور اها جوءِ ڇڏي ويندا آهن ۽ شينهن ڪيترائي ميل سفر ڪري، جوءِ ڇڏيندڙ جانورن جو اڳ جهليندا آهن.  هو شڪار ڏانهن لِڪي، خاموشي سان وڌندا آهن ۽ پوءِ اوچتي لُوهه ڏين ٿا. شڪار وقت مادي اڳيان اڳيان هوندي آهي ۽ شڪار جي سامهون وڃي کيس ڳچيءَ ۾ چَڪ هڻي لڙڪي پوي ٿي. شينهن جي ڊوڙڻ جي رفتار 56 ميل في ڪلاڪ آهي ۽ ڊوڙڻ وقت شينهن 23 فوٽ ڊگهو ٽپ به ڏيئي سگهي ٿو.

ببر شينهن جي  خوراڪ ۾ زيبرا، جهنگلي ڍڳي،  مينهن، هرڻ ۽ زراف وغيره شامل آهن. آفريڪا جا نوي سيڪڙو ببر شينهن  جهنگلي ڍڳيون ۽ زيبرا کائين ٿا. دنيا ۾ ببر شينهن ۽ چراخ وڌ کان وڌ گوشت کائيندڙ جانور آهن. ببر شينهن کي جيڪڏهن شڪار نه ملي ته هو ڪوئا، نانگ ۽ سانڊيون پڻ کائي گذارو ڪندو آهي. نر وزني ۽ سُست ٿئي ٿو، جنهن ڪري شڪار گهڻو ڪري ماديون ڪنديون آهن. ان هوندي به نر ايڏو ته خود غرض هوندو آهي، جو جيڪڏهن مادي بيمار يا حمل سان ٿي پئي، ته کيس ڇڏي ڪنهن ٻي ماديءَ تي هٿ رکندو آهي، ته جيئن هوءَ شڪار ڪري ۽ هي کائيندو رهي. نر رڳو مادين ۽ سندن ٻچن جي حفاظت ڪندو آهي. شينهن پيار ڪرڻ وقت هڪ ٻئي کي چٽيندا آهن. پوڙهي شينهن کي ماديون قبول نه ڪنديون آهن. پوڙهي شينهن کي اڪثر چراخ کائي وڃن ٿا. حمل ٿيڻ کان پوءِ جڏهن نر، مادين کي ڇڏي وڃن ٿا، تڏهن اهي ماديون پنهنجو ڌار ٽولو ٺاهينديون آهن، جن جو تعداد ڇهن کان پندرنهن هوندو آهي.

 ببر شينهن جي مادي 105 کان 112 ڏينهن جي وقفي کان پوءِ ٽي کان چار ٻچا ڏئي ٿي. ٻچا ڄڻڻ وقت مادي ڪنهن پاهڻ جي اوٽ يا وڻن جي جهڳٽي ۾ لڪي وڃي ٿي. ڄمڻ وقت ٻچن جي پٺن تي ڪارا داغ هوندا آهن،  جيڪي ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻمرادو ختم ٿي وڃن ٿا ۽ هڪ سال جي عمر کان پوءِ ٻچا سونهري ٿي پوندا آهن. ڄمڻ وقت ٻچا ڪافي ڪمزور ۽ پهريان چويهه ڪلاڪ بلڪل انڌا هوندا آهن ۽  ٽن کان ڇهن ڏينهن کان پوءِ اکيون کوليندا آهن. نر ٻچي کي ٻن سالن جي عمر ۾ ڪنڌ تي وار اچڻ شروع ٿيندا آهن. ماءُ ٻچن کي پهرين پکين ۽ ننڍن جانورن جو شڪار ڪرڻ سيکاريندي آهي. ان عمر ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به شڪاري ڪتن ۽ چراخن جو شڪار ٿي ويندا آهن. ببر شينهن جا ٻچا، ٻن سالن جي عمر ۾ بالغ ٿيندا آهن. جهنگ ۾ رهندڙ ببر شينهن جي وڌ ۾ وڌ عمر 13 سال ۽ پالتو شينهن 20 سالن تائين جيئرو رهي سگهي ٿو.