ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13687   ڀيرا پڙهيو ويو

سينڊ ڪيٽ Sand cat


هن ٻليءَ جو شمار دنيا جي ننڍڙين ٻلين ۾ ٿئي ٿو. سندس مٿو وڏو ۽ ڪن مٿي کان هٽيل، چنهبيارا ۽ پاسي تي لڙيل هوندا آهن، ان ڪري شڪل شبيهه ۾ پالا ٻلين جهڙي ٿئي ٿي. البته پالا ٻلين جي ڀيٽ ۾ هن جا پير ويڪرا هوندا آهن جن تي ڪاري رنگ جي گهاٽي ٻُر چڙهيل هوندي آهي، جنهن ڪري هي ٻلي گرم واريءَ تي آسانيءَ سان هلي سگهي ٿي. هن ٻليءَ جو پڇ ڊگهو  ۽ ٽنگون ننڍيون ٿين ٿيون.

عام طرح هن ٻليءَ جو رنگ ميرانجهڙو، جهنگراڙ ٻلي سان ملندڙ جلندڙ ٿيندو آهي، پر ڪيترين وصفن ۾ اها پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکي ٿي. سندس پُڇ جي آخري اڌ تي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڪاري رنگ جا ڇلا ٿيندا آهن، جڏهن ته پُڇ جي چوٽي پڻ ڪاري ٿئي ٿي. ڪاري رنگ جا اهڙا چار يا پنج ڇلا ۽ ڪجهه چٽا سندس ٽنگن جي اندرين پاسي پڻ نظر ايندا آهن. سندس جسم جو رنگ اڇاڻ مائل هلڪو سائو ٿئي. منهن گول ۽ اکيون وڏيون ٿين، اکين جي چوڌاري ڳاڙهي ڀوري رنگ جا ننڍڙا پٽا ٻاهر طرف نڪتل ٿين ٿا. جڏهن ته ڪنن جو ٻاهريون تهه ڳاڙهو ڀورو ۽ ڪنارا ڪارا ٿيندا آهن.

 سينڊ ڪيٽ جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 22 انچ ۽  پڇ 11 انچ ڊگهو ٿيندو آهي. جڏهن ته نر مادي کان ڳرو ٿيندو آهي. هي نج وارياسي علائقي ۾ رهندي آهي. جنهن ڪري مٿس نالو ئي ’سينڊ ڪيٽ‘ يعني واريءَ جي ٻلي يا واريءَ ۾ رهندڙ ٻلي. سينڊ ڪيٽ  اڪثر ننڍن ٻوٽن يا پاهڻن جي پاڙ ۾ پئي هوندي آهي، پر جتي ٻوٽا وغيره نه هجن اتي سج جي تپش ۽ گرميءَ کان بچاءُ خاطر 15 فوٽ اُونهي ڏر کڻي زمين اندر لڪي ويندي آهي ۽ رات جو شڪار لاءِ ٻاهر نڪرندي آهي، ڏينهن جو شڪار لاءِ تڏهن نڪري ٿي جڏهن موسم ٿڌي يا خوشگوار هجي. سندس خوراڪ ۾ ڪوئا، سانڊيون، نانگ ۽ مختلف قسم جا جيت شامل آهن. شڪار وقت واريءَ جي اوٽ ۾ اهڙي ته هوشياريءَ سان لڪي ويهندي آهي جو شڪار کي خبر ئي نه پوندي آهي ۽ مٿس اوچتو حملو ڪري کيس ماري وجهندي آهي.

سينڊ ڪيٽ جي مادي ۽ نر سڄو ڏينهن اڪيلا گذاريندا آهن پر شام جي وقت نر رڙيون ڪري ماديءَ کي ڳولي لهندو آهي. هي ٻلي سال ۾ ٻه ڀيرا ٻچا ڪندي آهي ۽ هر بهار ۽ سرءُ ۾ 2 کان 3 ٻچا ڏيندي آهي ۽ سراسري طور ست سال زندهه رهي ٿي. ’سينڊ ڪيٽ‘ پاڪستان ۾ ٿر واري علائقي کان سواءِ بلوچستان ۾ چاغي ۽ نوشڪي وارن علائقن ۾ رهي ٿي. جڏهن ته پاڪستان کان ٻاهر ايران، سعودي عرب ۽ آفريڪا کان سواءِ وچ ايشيا جا ملڪ  پڻ سندس گهر آهن.