ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13722   ڀيرا پڙهيو ويو

هوانا برائون ٻلي Havana brown cat


 هوانا، سئٽزرلينڊ ملڪ جي هڪ شهر جو نالو آهي، جيئن ته هن ٻليءَ جو اصلوڪو ماڳ هوانا آهي، تنهن ڪري کيس ’هوانا برائون ڪيٽ‘ يعني هوانا جي ڀوري ٻلي سڏيو ويندو آهي. هوانا برائون شارٿيئر گروپ (ننڍي ٻُر) جي هڪ جنس آهي. هن ٻليءَ کي ’سُئز جابلو ٻلي‘ (Swiss Mountain cat)پڻ سڏيو ويندو آهي. شڪل شبيهه ۾ هي ٻلي گهڻي سهڻي ڪا نه ٿئي، ان ڪري پالتو هوندي به سندس طلب گهٽ آهي، اهو ئي سبب آهي جو ٻين ٻلين جي ڀيٽ ۾ هوانا برائون جو تعداد دنيا ۾ سڀ کان گهٽ آهي. هن ٻليءَ جون اکيون سايون، وڏيون، چمڪدار ۽ ماڻهوءَ جي اکين جهڙيون ٿينديون آهن. جڏهن ته ڪن وڏا، گول ۽ چوٽيءَ وارا ٿين ٿا، هن جو نڪ مٿو ۽ بوناڙ ننڍا ٿيندا آهن. هوانا برائون جو وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي. هن ٻليءَ جا گهڻا رنگ ڪو نه ٿين. سندس بنيادي رنگ ناسي آهي. پر ڪي گهري رنگ جون ته ڪي هلڪي  ڪاري ناسي ۽ ڳاڙهي ناسي رنگ جون ٿين. البته ڪا ٻلي ڀوري ناسي پڻ ٿيندي آهي. هي ٻلي نڪ کان پڇ جي چوٽيءَ تائين هڪڙي ئي رنگ جي ٿيندي آهي ۽ مٿس ڪنهن به ٻي رنگ جو چٽو وغيره نه هوندو آهي.

هوانا برائون وڏين خصلتن واري ٻلي آهي. هي دوست مزاج، پيار ڪرڻ واري ۽ وفادار آهي. هي ٻلي گهڻو ڪري مالڪ سان گڏ هوندي آهي. هي نهايت هوشيار ۽ سنگهڻ جي گهڻي صلاحيت رکي ٿي.  هي ٻلي هر وقت خبردار رهي ٿي، ان ڪري ٿوري آواز تي به يڪدم متوجهه ٿي ويندي آهي. هوانا برائون پنهنجي مزاج ۾ حليم ۽ کيڏڻ واري ٻلي آهي، کائڻ پيئڻ جي شوقين آهي ۽ کائيندي به ڏاڍو تڪڙو آهي، تنهنڪري جيڪو به کاڌو اڳيان رکبو،  اهو منٽن ۾ هڙپ ڪري ويندي آهي.

پنهنجي هوشياري سبب هي ٻلي چڱي مڃتا رکي ٿي، پر سهڻي نه هئڻ ڪري سندس طلب ۽ پيداوار گهٽجي وئي آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ سندس تعداد ٻين ٻلين جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي.