ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13683   ڀيرا پڙهيو ويو

باب ڪيٽ (Bob cat)


هي قديم نسل جي هڪ جهنگلي ٻلي آهي. هن ٻليءَ جو اصل وطن اُتر آمريڪا ۽ ڪئناڊا آهن، پر اڄڪلهه جاپان، فلوريڊا، اتر ميڪسيڪو، هندستان ۽ بنگال جي سرحد تي موجود ’سندر بن‘ جو جهنگ پڻ سندس جوءِ ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. هونئن ته هن ٻليءَ جا ڪيترائي قسم آهن، پر عام طرح سندس ٻه  مُک قسم آهن. هڪ آمريڪي باب ڪيٽ ۽ ٻي جاپاني باب ڪيٽ. آمريڪا ۾ ملندڙ باب ڪيٽ، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها نج آمريڪي ٻلي آهي، ان کي ’آمريڪي باب ٽيل‘ American bobtail پڻ سڏيو ويندو آهي. قدبت ۾ هي ٻلي ’لائنڪس‘ Lynx کان ننڍي ۽ گهريلو ٻليءَ کان لڳ ڀڳ ٻيڻي ٿئي ٿي. قدبت ۽ ٻين معاملن ۾ لائنڪس سان گهڻي ويجهڙائي سبب کيس لائنڪس جي ماسات سڏيو وڃي ٿو. هن ٻليءَ جي خاص سڃاڻپ سندس ننڍڙو پڇ آهي ۽  مٿس ’باب ڪيٽ‘ Bob cat  نالو به ان پڇ جي ڪري ئي پيو آهي.

باب ڪيٽ، جا پير ننڍا، ڪن وڏا ۽ ڪنن جي چوٽين تي لائنڪس وانگر وارن جو ڇُڳو ٿئي ٿو، جڏهن ته جسم تي  چٽا ‘لائنڪس‘ Lynx جي چٽن کان وڏا ٿيندا  آهن. سندس اکيون بادام جهڙي شڪل جون، بوناڙ سنهون، ڪنڌ وچولو ۽ ماسيرو، پڇ ننڍو ۽ ٿورو مٿي مڙيل، ٽنگون وڏيون، چنبا ويڪرا، ڪلهن جي ڀيٽ ۾ پولهه ٿورو مٿي، وات،  ڄاڙي، سينو، پيٽ ۽ پڇ جو اندريون حصو اڇي يا ڳاڙهي پيلي رنگ جو ٿئي ٿو، البته اڳين ٽنگن جي اندرين پاسي ڪاري رنگ جا وڏا داغ پٽن جي صورت ۾ نظر ايندا آهن. رنگ جي لحاظ کان باب ڪيٽ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جهڙوڪ: بادامي، ناسي، ڪارو، پيلو، ڀورو سليٽي ۽ ڀورو سونهري وغيره پر، سندس بنيادي رنگ ڀورو سليٽي ۽ ڀورو سونهري ليکيا وڃن ٿا.

باب ڪيٽ جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 30 کان 36 انچ، پڇ جي ڊيگهه 4 کان 7 انچ، ڪلهن تائين قد 18 کان 23 انچ، وزن 5 کان 14 ڪلو گرام ۽ سراسري وزن 9 ڪلوگرام ٿيندو آهي.

باب ڪيٽ وڻن وارن ميدانن يا نيم وارياسي جهنگ ۾ زرعي ۽ انساني آباديءَ وارن علائقن جي ويجهو رهندي آهي، جتي ڏينهن جو  وڻن جي پور، جابلو ڇپن جي اوٽ يا گهاٽن ٿُٻن ۾ آرام ڪندي آهي ۽ رات جي وقت شڪار لاءِ نڪري ٿي. پنهنجي فطرت ۾ هي تنهائي پسند آهي. ان ڪري  اڪثر اڪيلو گذاريندي آهي. سندس شڪار جو طريقو به ڪافي دلچسپ آهي. هي شڪار کي ڏسندي آهي ته پير پير تي ڏئي خاموشيءَ سان ان جي ويجهو ويندي آهي ۽ پوءِ جهڙپ ڏئي شڪار پڪڙي وٺندي آهي، هن جي خوراڪ ۾ هرڻ، ننڍا سوئر، ٻڪريون، سها، ڪوئا، سيڙهه، نوريئڙا، ڇڇوندر،  زمين تي رهندڙ جيت ۽ پکي وغيره شامل آهن. هي پاڻيءَ ۾ ترڻ ۽ وڻن تي چڙهڻ جي ماهر آهي، تنهنڪري آسانيءَ سان هڪ ڏار کان ٻي ڏار تائين وڏا ٽپ  ڏيندي آهي.

باب ڪيٽ، سڀاءُ جي لحاظ کان هڪ بي مهابي ٻلي آهي، ان ڪري کيس پالي نه  ٿو سگهجي. جيتوڻيڪ تجربي خاطر سندس مختلف پالتو پلين سان نسل راني ذريعي ٻِسر پڻ تيار ڪيا ويا آهن، پر اهي ٻچا پنهنجي نسلي جبلت سبب ڪافي تيز مزاج ٿي پون ٿا، جنهن ڪري پالڻ کان چڙهي وڃن ٿا. هي جتي به ويهندي آهي اتي پنهنجي پيشاب ۽ پيرن جي نشانن سان پنهنجي موجودگيءَ جا اهڃاڻ ڇڏيندي آهي.

باب ڪيٽ جنوري کان مارچ تائين  ميلاپ ڪري ٿي ۽ 55 کان 68 ڏينهن جي حمل کان پوءِ هڪ پيٽ تي 2 کان 3 ۽ وڌ ۾ وڌ 8 ٻچا ڄڻي ٿي، جيڪي 9 کان 10 ڏينهن اندر اکيون کولين ٿا ۽ لڳ ڀڳ 9 کان 12 مهينا ماءُ سان گڏ رهڻ کان پوءِ  پنهنجي الڳ دنيا وسائيندا آهن. هن ٻليءَ جي عمر 12 کان 20 سال ٿئي ٿي. چٽڪمري، لسي ۽ سهڻي کل سبب سندس گهڻو شڪار ٿيندو رهيو آهي، جنهن ڪري سندس نسل تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي.