ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13650   ڀيرا پڙهيو ويو

بِسٽي ٻلي Bisty cat


هن دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي ٻلي آهي، جيڪا آمريڪا جي هڪ رياست فلوريڊا ۾ رهي ٿي، جتي هي آمريڪا جي اسٽيفن (Stefan) ۽ سندس زال ’ٽفني‘ (Tiffani)  جي گهر ۾ پيدا  ٿي. هن ٻليءَ جا ماءُ پيءُ عام جسامت رکندڙ آهن، پر خبر ناهي ته ڪهڙن سببن جي ڪري هي قدبت ۾ مار کائي وئي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي ابتڙ بلڪل ننڍڙي پيدا ٿي پئي. ننڍڙي هئڻ ڪري عام طور هن ٻليءَ لاءِ اهو سمجهيو پئي ويو ته شايد ڪنهن بيماريءَ سبب سڌري نه ٿي، پر حيوانيات تي ڪم ڪندڙ مختلف ماهرن جو خيال آهي ته هي بلڪل صحتمند ٻلي آهي ۽ سندس ننڍي جسم ۾ ڪنهن به بيماريءَ جو دخل نه آهي. هن ٻلي جو مٿو ننڍو ۽ تراکڙو، ڪن وڏا،  نوڪدار ۽ نڪ جي چوٽي ڳاڙهي آهي.

بِسٽي جو ڪلهن تائين قد 6 – انچ، مٿي جي ويڪر سوا چار انچ ۽ وزن اڌ ڪلو گرام  آهي.

هي سماجي سڀاءُ رکندڙ خود اعتماد ٻلي آهي ۽ ٻين ٻلين وانگر پنهنجا سمورا ڪم پاڻ ڪري ٿي، پر ننڍڙي هئڻ ڪري گهٽ ڪشش رکي ٿي ۽ عام طور ٻلي گهٽ ۽ ٻليءَ جو ٻچو وڌيڪ لڳي ٿي.

گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ هن ٻليءَ کي دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي پالتو ٻلي جو اعزاز حاصل آهي.