ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13671   ڀيرا پڙهيو ويو

چيني واگهه Chinese Tiger


هي واگهه جي نسل جو هڪ شينهن آهي،  ۽ سندس اصل وطن چين آهي. چيني واگهه جو شمار دنيا جي ڏهه مُک خونخوار جانورن ۾ ٿئي ٿو. هي ننڍي نسل جو واگهه آهي،  هڪ نر جي، مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 6   فوٽ ٿيندي آهي، ۽ مادي پڻ ڊيگهه جي لحاذ کان لڳ ڀڳ نر جيتري ئي ڊگهي ٿئي ٿي، جڏهن ته نر جو وزن 127 کان 177 ڪلو گرام،  ۽ ماديءَ جو وزن 100 کان 118 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

چيني واگهه پنهنجي مزاج ۾ وحشي ۽ خونخوار جانور آهي، ان ڪري اڪثر قدرتي ۽ آزاد ماحول ۾ رهي ٿو، هن کي پالڻ جوکائتو ڪم آهي، چيني واگهه جو تمام گهڻو شڪار ٿيندو رهيو آهي، جنهن ڪري هن جو نسل گهٽجي ڪو آڱرين تي ڳڻڻ جيترو وڃي بچيو آهي. ان صورتحال کي سامهون رکندي 1977ع ۾ چيني سرڪار چيني واگهه جي شڪار تي مڪمل پابندي وجهي ڇڏي هئي ۽ هن جي نسل کي بچائڻ لاءِ اڄڪلهه سرڪاري سطح تي سندس نسل راني پڻ ڪئي پئي وڃي، پوءِ به سندس تعداد ۾ ڪو اطمينان جوڳو اضافو نه ٿيو آهي، ان ڪري خيال آهي ته جيڪڏهن هن واگهه جو نسل نه  بچايو ويو ته اهو ڏينهن پري ناهي جو چيني  واگهه پڻ تَسماني ۽ ايراني واگهن وانگر دنيا جي نقشي تان هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي.