ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13664   ڀيرا پڙهيو ويو

اَمُر تيندئو (Amur leopard)


پينٿرا پارڊس (Panthera pardus) جي نسل جو هي تيندئو ڏاڍو ناياب ٿي ويو آهي. اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ ڪي 200 کن  اَمُر تيندئا وڃي بچيا آهن. جن مان گهڻو تعداد آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن جي راڻي باغن (Zoos) ۾ موجود آهي. هڪ اندازي موجب جهنگ ۾ اڄڪلهه سندن تعداد 30 کان 40 تائين آهي، ڇو ته هڪ ته سندن چرٻي دوائن ۾ ڪتب اچي ٿي ۽ ٻيو سندس چمڙي پڻ سندس دشمن ٿي پئي آهي، جنهن ڪري ان جو گهڻو شڪار ٿيندو رهيو آهي، ان کان سواءِ سائبيريائي واگهه (Siberian Tiger) پڻ اَمُر تيندئي جو شڪار ڪري ٿو، انڪري هن جو نسل دنيا مان تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي نسل کي بچائڻ لاءِ روس 1956ع ۾ هن جي مارڻ تي پابندي وجهي ڇڏي هئي، جيڪا اڄ به قائم آهي. اَمُر تيندئي جو اصل وطن روس آهي، پر ڪي ورلي چين ۽ ڪوريا ۾ پڻ ڏٺا ويا آهن. جتي سندن تعداد 4 کان 7 ٻڌايو وڃي ٿو.

اَمُر تيندئي جو وزن عام طور 32 کان 48 ڪلو گرام ٿيندو آهي، جڏهن ته هڪ صحتمند نر جو سراسري وزن 60 کان 75 ڪلوگرام پڻ ٿي سگهي ٿو. مادي اَمُر نر جي ڀيٽ ۾ ننڍي ٿيندي آهي ۽ ان جو وزن 25 کان 43 ڪلوگرام ٿئي ٿو.

اَمُر تيندئي جو مٿو ۽ پٺا سونهري رنگ جا ٿين ٿا. اونهاري ۾ اهو رنگ پيلو ڳاڙهو ۽ سياري ۾ ٿورو هلڪي رنگ جو ٿي ويندو آهي. ٻين تيندئن جي ڀيٽ ۾ سندس جسم تي چٽا وڌيڪ  ڇڊا يا وٿيرڪا ٿيندا آهن. گهڻي ٿڌ ۾ رهڻ ڪري، سندس جسم تي گهاٽي ۽ وڏي ٻُر ٿيندي آهي، جيڪا اونهاري ۾ اڍائي سينٽي ميٽر ۽ سياري ۾ وڌي ست سينٽي ميٽر ٿي ويندي آهي،جيڪا کيس سيءَ کان بچائي ٿي.

اَمُر تيندئو ڀلو چاڙهو ۽ سٺو تارو آهي. هي 20 فوٽ ڊگهو ۽ 10 فوٽو اوچو ٽپ ڏئي سگهي ٿو. ۽ ٿوري وقت لاءِ 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان ڊوڙي سگهي ٿو.

اَمُر تيندئو  رات جي وقت شڪار ڪندو آهي. سندس شڪار ۾ هرڻ جا سڀ قسم، جهنگلي سوئر، ممڙا (Badgers) ۽ ڪوئا وغيره شامل آهن، جن کي ماري پنهنجي شڪاري ڏندن ’ڪاڻيٺن‘ (Carnassials teeth) سان چيري ڦاڙي، سندن گوشت شوق سان کائيندو آهي.

اَمُر تيندئي جي مادي هر ٽن سالن کان پوءِ ٻچا ڪندي آهي ، هو جنوري يا فيبروريءَ ۾ پيٽ سان  ٿئي ٿي ۽ 90 کان 105 ڏينهن تائين حمل سان رهڻ کان پوءِ هڪ کان ڇهه ٻچا ڄڻي ٿي، جيڪي 18 کان 24 مهينن ۾ بالغ ٿي ويندا آهن.

دنيا ۾ ختم ٿيڻ واري حد جي ويجهو پهتل هي تيندئا راڻي باغ ۾ رهندي 23 سالن تائين جيئرا رهي سگهن ٿا، پر جهنگ ۾ هن نسل جي سراسري عمر 12 سال هوندي آهي.