ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13708   ڀيرا پڙهيو ويو

پوما (Puma)


پوما ٻليءَ جي نسل جو هڪ ننڍڙو ببر شينهن  آهي، پر طاقت ۽ ڦڙتيءَ ۾ پوما نه رڳو ڪتي کان پر بگهڙ کان به سگهارو ٿئي. سندس مٿي کان ڌڙ جي وڌ کان وڌ ڊيگهه 6 فوٽ ۽ ڪلهن تائين قد 22 کان 28 انچ ٿي سگهي ٿو. پوما ڪئناڊا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جي جابلو، پٿريلي ۽ ڌٻڻي علائقن ۾ رهي ٿو.

آمريڪا جي ڌار ڌار رياستن ۾ کيس ڌار ڌار نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ڪٿي جابلو ببر شينهن(mountain lion)، ڪٿي آمريڪي ببر شينهن (American lion)، ته ڪٿي وري ميڪسيڪي ببر شينهن (Mexican Lion)، سڏيو وڃي ٿو، ان کان سواءِ جابلو ٻلي (Catamount) ۽ پينٿر (Panther) پڻ سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته فلوريڊا رياست ۾ هي ڪائوگر(Cougar) جي نالي سان مشهور آهي ۽ اتر آمريڪا ۾ کيس پُوما (Puma) سڏيو ويندو آهي.

ٻين جهنگلي ٻلين وانگر پوما پڻ موسمي اثرن سبب پنهنجو رنگ مٽائيندو رهندو آهي، پر سندس بنيادي رنگ ڀورو سونهري يا سليٽي سونهري ٿئي ٿو. سندس منهن ويڪرو ۽ دهشت وارو هوندو آهي، ڪنن جي پٺ ڪاري رنگ جي ٿئي، جڏهن ته وات، ڄاڙي ۽ سيني جي ڪجهه حصي تي ٻر جو رنگ اڇو ٿئي ٿو.

پوما ڊگهي پڇ وارو شينهن آهي، سندس پڇ جسماني ڊيگهه جي اڌ جيترو ٿيندو آهي، ڇهن فوٽن واري پوما جو پڇ ٽي فوٽ ٿئي ٿو، جيڪو کيس ڊوڙڻ ۽ ٽپ ڏيڻ وقت توازن قائم رکڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

پوما هڪ ڪلاڪ ۾ 65 ڪلوميٽرن جي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿو. ان وقت هو 45 فوٽ ڊگهو ۽ 18 فوٽ اوچو ٽپ ڏئي سگهي ٿو. ان حالت ۾ پڇ سندس توازن قائم رکڻ ۾ ڏاڍو مددگار ثابت ٿيندو آهي. پوما وڏو ٽپ تڏهن ڏيندو آهي، جڏهن شڪار کانئس 40 يا 45 فوٽ پري هجي. شڪار جي اهڙي مهارت کي هو ماڻهن تي پڻ آزمائي چڪو آهي. هڪ رپورٽ موجب 1890ع کان 2004ع تائين پوما هڪ سؤ کان وڌيڪ ماڻهو ماري چڪو آهي. 2004ع کان پوءِ جي صورتحال ڌار آهي پر رپورٽ موجب هن آخري ڀيرو 2004ع ۾ ڪئليفورنيا جي روڊ تي هڪ موٽرسائيڪل سوار مٿان ٽپ ڏيئي کيس ماري ڇڏيو هو.

ماڻهوءَ تي پوما ان وقت حملو ڪندو آهي، جڏهن گهڻو بکايل هجي يا کيس ڪو خطرو هجي، نه ته عام طرح هو جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪندو آهي. سندس شڪار ۾ هرڻ، سوئر، ڀولڙا، لومڙيون، سيڙهه، بِيوَر، سها، پکي، ريڙهيون ڏيندڙ ۽ ڏرن ۾ رهندڙ جانور شامل آهن. ان کان سواءِ هو ڪڏهن ڪڏهن آبادين ۽ وسندين ۾ اچي ماڻهن جون پالتون ٻڪريون ۽ رڍون پڻ کڻي ويندو آهي.

پوما جو هڪڙو گهر نه هوندو آهي. هو پنهنجي مقرر ڪيل جوءِ ۾ ڪٿي به قدرتي چُر يا پهاڙي ڇپن جي اوٽ ۾ رهي سگهي ٿو. پوما گهڻو ڪري رات سجاڳ جانور آهي ۽ اوندهه ۾ شڪار ڪندو آهي. ان ڪري شڪار جي سانگي سان سڄي سڄي رات پيو هلندو آهي، البته پوما جي مادي ٻچن وقت ڪنهن محفوظ جاءِ کي گهر ڪري ويهندي آهي ۽ ايستائين رهندي آهي، جيستائين ٻچا هلڻ ٽُرڻ جهڙا نه ٿين.

پوما جي مادي هڪ پيٽ تي سراسري طور ٻه کان ٽي ٻچا ڏي ٿي. پر اهو به رڪارڊ آهي ته سندس مادي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ۽ وڌ ۾ وڌ ڇهه ٻچا ڏنا آهن. پوما جا ٻچا ڄمڻ وقت 7 کان 10 انچ ڊگها ۽ لڳ ڀڳ اڌ ڪلو وزني ٿيندا آهن. ڄمڻ وقت سندن جسم تي وڏي ٻر ۽ چيتي وانگر ڪاري رنگ جا چٽا هوندا آهن، جيڪي بالغ ٿيڻ تائين مٽجي وڃن ٿا، پيدائش وقت ٻچن جون اکيون نيري رنگ جون هونديون آهن، جيڪي ڇهن مهينن جي عمر تائين مٽجي پيليون ٿي پون ٿيون. ٻچا هڪ مهيني کان پوءِ ڏند ڪڍن ٿا ۽ ٻن سالن جي عمر ۾ بالغ ٿي ويندا آهن.

پوما جي سراسري عمر 16 سال ٿيندي آهي ۽ وڌ کان وڌ هو 22 سالن تائين جيئرو رهي سگهي ٿو.