ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13717   ڀيرا پڙهيو ويو

برمي ٻلي Burmese cat


هي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي هڪ پالتو ٻلي آهي ۽ سندس اصل وطن برما ۽ ٿائلينڊ آهن، پر اڄڪلهه يورپ ۽ آمريڪا ۾ پڻ گهڻي شوق سان پالي وڃي ٿي. هن ٻليءَ کي برمي ٻوليءَ ۾ ”سڀا لهاليڪ“  (Subah-lha-lak)سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”سهڻي ۽ ڀاڳوند“. برمي ٻلي حيرت جي حد تائين سهڻي ۽ ڪشش واري آهي ، جنهن ڪري کيس گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. هي شارٿيئر (Shorthair) گروپ وارين ٻلين جي هڪ جنس آهي ۽ سندس اصلي رنگ بادامي آهي، پر هاڻ نسل رانيءَ ذريعي هن جا ڪيترائي رنگ پيدا ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڪارو، نيرو، هيڊو واڱڻائي، بوسڪي ۽ خاڪي شامل آهن،پر تڏهن به سندس مشهور رنگ بادامي ئي آهي.

برمي ٻليءَ جي مٿي کان پولهه تائين سراسري ڊيگهه ٻه فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

برمي ٻلي پنهنجي مزاج ۾ بيحد ڦڙت ۽ کيڏڻ واري ٻلي آهي، تنهنڪري ٺينگ ٽپا ڏيڻ ۽ رونشو ڪرڻ کيس گهڻو وڻندو آهي. هي ٻلي جاکوڙي، هوشيار ۽ اڻ ورچ آهي ۽ هميشه پنهنجي آس پاس جي ماحول ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڳوليندي رهندي آهي، منجهس ميائون ميائون ڪرڻ جي عادت به ٻين ٻلين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سَرس آهي. هي مالڪ کي پوڄڻ جي حد تائين چاهيندي آهي. ۽ گهر ڀاتين سان گهڻو پيار ڪري ٿي. انهن عادتن ڪري هر وقت ماڻهن وچ ۾ رهڻ کيس گهڻو  وڻندو آهي. برمي ٻلي هڪ پيٽ تي 3 کان 5ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سراسري طور 12 سال حياتي ماڻي ٿي.