ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13648   ڀيرا پڙهيو ويو

جهنگراڙ ٻلو Jungle cat


پالتو ٻليءَ جي شڪل جهڙو هي ٻلو دنيا جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. آفريڪا ۾ کيس ’ڌٻڻ ٻلي‘ (Swamp cat) چيو ويندو آهي، جيئن ته هي ٻلو سنهو ۽ ڊگهو ٿئي ٿو، ان ڪري وچ ايشيا،  افغانستان، منگوليا، برما، هندستان ۽ سريلنڪا ۾ ’ڪانِي ٻلي‘ (Reed cat) جي نالي سان مشهور آهي. ٻليءَ جو هي قسم سنڌ ۾ وري مادي بدران نر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جنهن ڪري کيس جهنگراڙ ٻلو سڏيو ويندو آهي.

صحرائي ٻلي جي مقابلي ۾ جهنگراڙ ٻلي جو پڇ ننڍو ۽ ٽنگون ڊگهيون ٿين ٿيون. جهنگراڙ ٻلن جو رنگ هڪجهڙو نه هوندو آهي. ڪٿي اهو سليٽي زرد ته ڪٿي ڳاڙهي ڀوري رنگ وارو ٿئي ٿو. ننڍي عمر ۾ جسم تي گهري ڀوري رنگ جا پٽا هوندا اٿس، جيڪي بالغ ٿيڻ سان ختم ٿي ويندا آهن، پوءِ به پڇ ۽ ٽنگن جي مٿين حصي تي هلڪا پٽا سڄي ڄمار قائم رهن ٿا. جڏهن ته پڇ جي چوٽي هميشه ڪاري رهندي آهي.

سنڌ جي اتر واري حصي ۾ رهندڙ جهنگراڙ ٻلي جو رنگ گهرو ڀورو ٿئي، جڏهن ته لاڙ ۽ وچولي ۾ اهو ڳاڙهي ڀوري رنگ جو نظر ايندو آهي. ٻين ٻلين جي ڀيٽ ۾ جهنگراڙ ٻلي جو منهن ۽ مٿو سنهون ۽ ڊگهو ٿيندو آهي. گرميءَ جي مند ۾ سندس وار وڌيڪ کهرا ۽ سخت ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته سردين ۾ اها ٻُر وڌيڪ نرم ۽ لسي ٿي ويندي آهي. جهنگراڙ ٻلي جي مٿي کان ڌڙ تائين وڌ کان وڌ ڊيگهه 31 انچ ۽ پڇ 13 انچ ڊگهو ٿيندو آهي. هڪ متاري نر جو وزن 10 ڪلو گرام ۽ سراسري عمر 14 سال ٿيندي آهي.

جهنگراڙ ٻلو اڪثر دريائن جي ڪناري، ميداني ۽ وارياسي جهنگل يا ڌٻڻ وارن علائقن ۾ رهندو آهي. گرمين جي مند ۾ هو کوٽيل ڏر ۾ لڪي ويندو آهي، ته جيئن گرميءَ کان بچي سگهي. سردين ۾ وري اُس سيڪيندي نظر ايندو آهي. سنڌوءَ درياءَ ۽ ناري واري علائقن ۾ جهنگراڙ ٻلو رات جي وقت ڏسي سگهجي ٿو. خفتي هن ٻلي تي ڪتن جي بڇ ڪرائي لطف اندوز ٿيندا آهن. هي ڏاڍو ويڙهو ۽ سگهو جانور آهي، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن حملي آور ڪتي کي ماري وجهندو آهي، ان کان سواءِ ڪي اهڙيون شاهديون پڻ ملن ٿيون، جن مان پتو پوي ٿو ته جهنگراڙ ٻلي ڪجهه ماڻهو پڻ ماريا  آهن.

جهنگراڙ ٻلو صبح سوير ۽ شام واري پهر ۾ شڪار ڪندو آهي. جيئن ته هن جون ٽنگون ڊگهيون ٿين ٿيون، ان ڪري اهو ڊوڙڻ ۾ پڻ تيز ٿئي ٿو، پوءِ به پنهنجي فطرت موجب پير پير تي ڏيئي اوچتي لُوهه سان شڪار کي جهليندو آهي. سندس خوراڪ ۾ سها، ڪوئا، نانگ، سانڊيون، ڏيڏر، مڇي ۽ پکي شامل آهن. ان کان سواءِ ٻهراڙيءَ جي گهرن ۾ گهڙي ماڻهن جا پالتو ڪڪڙ پڻ کڻي ويندو آهي. جيتوڻيڪ هي ٻلو وڻن تي چڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي هو زمين تي ئي گذارو ڪري ٿو ۽ اتي ئي ڏر کوٽي رهندو آهي. هن جي ميلاپ جي ڪا مند مقرر نه آهي، اڪثر صبح جي پهر ۾ نر ۽ مادي گڏ هوندا آهن. سراسري طور مادي 53 کان 68 ڏينهن جي حمل کان پوءِ 2 کان 3 ٻچا ڏيندي آهي، جيڪي مارچ کان اپريل جي وچ ۾ پيدا ٿيندا آهن. ٻچن جي پرورش نر ۽ مادي گڏجي ڪندا آهن. ڄمڻ وقت ٻچن جي جسم تي ڪارا چٽا هوندا آهن ۽ ڪنن جي پٺ ڀوري ٿيندي آهي.