ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13645   ڀيرا پڙهيو ويو

ٿائي ٻلي Siamese cat


ٿائي ٻلي (Siamese) ننڍي ٻُر واري  شارٿيئر گروپ جي ٻلين جي هڪ پالتو جنس آهي، هن ٻليءَ جو اصل وطن ٿائيلينڊ آهي، جتي ٻڌ مندرن ۾ کيس عام جام ڏسي سگهجي ٿو. هن ٻليءَ جو شمار دنيا جي آڳاٽين ٻلين ۾ ٿئي ٿو. سندس منهن مهانڊو ’بِرمن‘  Birman  ٻليءَ جهڙو آهي. هن جا ڪن وڏا ۽ پڇ مٿي وريل ٿئي ٿو.  جڏهن ته پڇ ۽ نڪ جو رنگ ڪارو هوندو آهي. ٿائي ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا، جن ۾  ڀورو، بوسڪي، هيڊو بادامي، اڇو سليٽي ۽ ڳاڙهو شامل آهن.

ٿائي ٻليءَ جي ڪلهن کان پولهه تائين ڊيگهه هڪ کان ٻه فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

هي ذهين ۽ سماجي وهنوار واري ٻلي آهي، ان ڪري گهڻي پسند ڪئي وڃي ٿي. اڄڪلهه سندس نسل ۾ ڪجهه گهٽتائي اچي وئي آهي، جنهن ڪري سندس نسل راني ڪئي پئي وڃي . پالتو ۽ دوست مزاج هئڻ ڪري ٿائي ٻليءَ کي برطانيا ۽ آمريڪا ۾ شوق سان پاليو وڃي ٿو.

ٿائي هڪ پيٽ تي ٻه کان چار ٻچا ڄڻي ٿي،   اڄڪلهه هي ٻلي ٿائيلينڊ، برما، برطانيا ۽ آمريڪا  کان سواءِ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏي ملهه وڪامي ٿي.