ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13726   ڀيرا پڙهيو ويو

ايراني واگهه Persian Tiger


واگهه جو هي قسم، ايراني واگهه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن واگهه جو اصل وطن ايران هو. جنهن ڪري ئي کيس ايراني واگهه سڏيو ويندو هو، پر هن وقت هن واگهه جو دنيا ۾ ڪٿي به ڪو نالو نشان نه ٿو ملي ۽ هڪ اندازو آهي ته گهڻي شڪار سبب سندس وجود ڌرتيءَ جي گولي تان 50 واري ڏهاڪي ڌاري ختم ٿي چڪو آهي.

ايراني واگهه ايران کان سواءِ عراق، افغانستان، ترڪي، منگوليا ۽ وچ ايشيا جي رياستن ڪازڪستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان ۾ رهندو هو.