ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13674   ڀيرا پڙهيو ويو

آمريڪي ڪرل American curl


آمريڪي ڪرل ننڍي ٻُر وارين آمريڪي ٻلين جي هڪ جنس آهي. هن ٻليءَ جو اصل وطن، آمريڪا جي هڪ رياست ڪئليفورنيا آهي. هن ٻليءَ جي مشهوري يا سڃاڻپ سندس نرالا ڪن آهن، جيڪي گهنڊيدار ۽ مڙيل هوندا آهن، جنهن ڪري ئي کيس ’گهنڊيدار يا ڪرل‘ Curl سڏيو ويندو آهي. هي وچولي قدبت جي  ٻلي آهي. سندس مڇون وڏيون ۽ ڪن اهڙا گهنڊيدار ٿين جو ڪنن جي اندر واري ٻُر پئي نظر ايندي آهي، جڏهن ته سندس جسم جا وار ٿورا وڏا، لسا ۽ چمڪدار ٿين ٿا، جن کي هٿ لائڻ سان نرميءَ جو احساس ٿيندو آهي. هن ٻليءَ جا ڪيترائي رنگ ٿين ٿا. هڪ اندازو آهي ته سندس جملي 120 رنگ آهن. پر سندس بنيادي رنگ وري به اڇو، ڪارو، نيرو، ڳاڙهو، ڀورو ۽ بادامي ليکيا وڃن ٿا. هن ٻليءَ جي اکين جو رنگ پيلو يا سائو ٿئي ٿو. آمريڪي ڪرل جو وزن 3 کان 6 ڪلو گرام ٿيندو آهي.

آمريڪي ڪرل، وفادار، هوشيار ۽ جلد هري مري وڃڻ واري ٻلي آهي. هي  پنهنجي مالڪ ۽ خاص ڪري گهر جي ڀاتين سان گهڻو پيار ڪري ٿي. کيس مالڪ طرفان ڌيان ۽ سکيا جي ضرورت هميشه رهي ٿي. ’آمريڪي ڪرل‘ مصروف رهندڙ ۽ ڦڙت قسم جي ٻلي آهي. راند روند کيس گهڻي وڻي ٿي، تنهن ڪري ٻين پالتو جانورن ۽ گهر ڀاتين سان راند ڪري خوش ٿيندي آهي. ٻارن ۽ گهر ۾ موجود ٻين پالتو جانورن سان سندس رويو هميشه دوستاڻو هوندو آهي. هي ميائون ميائون پڻ گهڻي ڪندي آهي ۽ کيس موروثي بيماريون ۽ ڪمزوريون به گهٽ وچڙن ٿيون. نرالن ڪنن ۽ سٺن گڻن سبب اولهه وارن ملڪن ۾ کيس وڏي چاهه سان پاليو وڃي ٿو. آمريڪي ڪرل جو هڪ ٻچو ڄمڻ کان پوءِ 2 کان 3 سالن اندر بالغ ٿي پنهنجي ڌار دنيا وسائيندو آهي.