ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13704   ڀيرا پڙهيو ويو

سنگاپورا ٻلي Singapora cat


هن ٻليءَ جو شمار ننڍين پالتو ٻلين ۾ ٿئي ٿو. ٻلين جي درجابنديءَ جي لحاظ کان  هي ’ننڍي ٻُر‘(Shorthair)   وارين ٻلين جي هڪ جنس آهي. سندس اصل وطن سنگاپور آهي، پر اڄڪلهه برطانيا ۾ گهڻي مشهور آهي ۽ لڳ ڀڳ سڄي دنيا ۾ ملي ٿي. هن ٻليءَ تي ”سنگاپورا“ نالو ”ملي“ ٻولي ڳالهائيندڙن رکيو. لڳي ٿو ته سنگاپور ملڪ ٻلين ۽ شينهن جي خاص جوءِ رهيو آهي، جنهن ڪري مٿس نالو ئي سنگاپور پئجي ويو. ملي ٻوليءَ ۾ ”سنگا“ شينهن کي چوندا آهن ۽ سنگاپور جي معنيٰ آهي گهڻن شينهن جو ملڪ.جنهن ڪري سنگاپور جي نسبت سان هن ٻليءَ تي پڻ اهو نالو پيو آهي.

سنگاپورا ٻليءَ جا ڪن وڏا، مٿو گول، پير ننڍا، پڇ وچولو ۽ اکيون سايون، سونهري يا آسماني ٿين. سندس جسم جو رنگ هونئن ته هلڪو سليٽي ٿيندو آهي، پر مٿو، پٺا ۽ پڇ جو مٿيون حصو ڀورو سليٽي ٿيندو آهي، جڏهن ته ڄاڙي، ڳچي، پيٽ، ٽنگن ۽ پڇ جو اندريون حصو اڇي ٻُر وارو ٿئي ٿو. سنگاپورا جي ٻُر نرم ۽ لسي ٿئي ٿي ۽ نرڙ تي ٽيبي ٻليءَ وانگر انگريزي اکرM جي شڪل جهڙو نشان ٿيندو آهي. هي مضبوط مشڪن واري ٻلي آهي. هن جو وزن ڏيڍ کان اڍائي ڪلو گرام ٿئي ٿو.

سڀاءُ جي حوالي سان سنگاپورا دوست مزاج ۽ پيار ڪندڙ ٻلي آهي. سندس آواز به مٺڙو ۽ سُريلو آهي. پر راند جي گهڻي شوقين آهي، جنهن ڪري ٻارن ۽ ٻين پالتو جانورن سان گڏ رهڻ ۽ کيڏڻ کيس گهڻو وڻندو آهي. ماڻهن سان گڏ رهڻ کي پڻ ترجيح ڏي ٿي، جنهن ڪري گهڻو وقت مالڪ سان گڏ گهمندي ڦرندي آهي.

سنگاپورا ٻلي ڄمڻ بعد 15 کان 24 مهينن اندر بالغ ٿئي ٿي، جنهن کانپوءِ مائٽن کان ڌار ٿي ويندي آهي. سنگاپورا ٻليءَ جي سراسري عمر 12 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 15 سال جيئي ٿي.

هڪ رپورٽ موجب سنگاپورا ٻلي70 واري ڏهاڪي ۾ سنگاپور مان آمريڪا پهتي، جتي سندس نسل راني ڪئي وئي هئي، اڄڪلهه هيءَ ٻلي سنگاپور ۽ آمريڪا سميت لڳ ڀڳ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ملي ٿي.