ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13697   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪار پيري ٻلي (Black footed cat)


هي جهنگلي ٻلين جي هڪ ننڍڙي جنس آهي. هن ٻليءَ جا پير مرين تائين سانوري يا ڪاري رنگ جا ٿين ٿا، جنهن ڪري کيس ڪار پيري ٻلي (Black footed cat)  چيو ويندو آهي. سندس اکيون سونهري ۽ جسم تي ڪارا چٽا ٿيندا اٿس، جڏهن ته  پڇ ۽ ٽنگن تي وري ڪاري رنگ جون چوڙيون ٿين ٿيون.

ڪار پيري ٻليءَ جي مٿي کان ڌڙ تائين ڊيگهه 14 کان 20 انچ، پڇ جي ڊيگهه 6 کان 8 انچ، ڪلهن تائين قد 10 انچ ۽  نر جو سراسري وزن ڏيڍ ڪلو گرام، جڏهن ته  ماديءَ جو سراسري وزن سوا ڪلو گرام ٿيندو آهي.

ڪار پيري ٻلي ڏکڻ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ: نميبيا، زمبابوي ۽ بوئسوانا وغيره جي وارياسن ميدانن ۽ غير آباد جهنگلن ۾ رهي ٿي، جتي رات جي وقت شڪار ڪندي آهي ۽ ڏينهن جو جابلو ڇپن ، ٻوٽن جي گهاٽي ٿٻ يا ڪنهن وڻ وغيره جي پور ۾ لڪي آرام ڪندي آهي. سندس خوراڪ ۾ ننڍا جانور جهڙوڪ: ڪوئا، ڇڇوندر، ڏيڏر، ننڍا پکي ۽ جيت وغيره شامل آهن. هن ٻليءَ کي پاڻي پيئڻ جي گهڻي ضرورت نه پوندي آهي، ڇو ته کاڌي مان ئي کيس ضرورت جيترو پاڻي ملي ويندو آهي. ان ڪري پاڻيءَ جي کيس مليو ته مليو نه ته ٺهيو.

ڪار پيري ٻلي طبيعتن لاڏائو قسم جي ٻلي آهي، تنهنڪري هڪ هنڌ گهر ڪري نه ويهندي آهي ۽ جتي ٿورو خطرو يا خوراڪ جي ڪمي محسوس ڪندي آهي، اها جوءِ ڇڏي محفوظ جاءِ ڏانهن هلي ويندي آهي. هي ٻلي سماجي سڀاءُ ۾ سٺي نه آهي، ان ڪري  عام طرح کيس پاليو نه ٿو وڃي.

                        ڪار پيري ٻليءَ جي مادي 60 کان 65 ڏينهن جي حمل بعد 1 کان 2 ٻچا ڄڻي ٿي. ورلي ڪا ٻلي 3 ٻچا پڻ ڏيندي آهي. ٻچا  هڪ مهيني تائين پنهنجي ڏر يا پور وغيره ۾ رهي ماءُ جو کير پيئندا آهن ۽ هڪ مهيني کان پوءِ گوشت کائڻ تي هرندا آهن. ٻچا 13 کان 16 مهينن ۾ بالغ ٿي وڃي پنهنجي الڳ دنيا وسائيندا آهن.