ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13655   ڀيرا پڙهيو ويو

مڇي مار ٻلي Fishing cat


هن ٻليءَ جي جسم تي سليٽي رنگ جا چٽا ٿيندا آهن، جنهن ڪري سندس شڪل صورت تيندئي ٻلي جهڙي لڳندي آهي، البته قدبت ۾ تيندئي ٻلي کان وڏي ۽ پڇ ننڍو ٿيندو اٿس، هن جون ٽنگون ننڍيون  ۽ رنگ بادامي ڀورو يا سيلٽي ڀورو ٿيندو آهي، جسم جي ٻي رنگ کان پٺي جو رنگ وڌيڪ گهرو ٿئي ٿو ۽ سڄي جسم تي سليٽي رنگ جا چٽا تيندئي ٻلي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڏا هوند اآهن، جيڪي گهڻا خوبصورت لڳندا آهن.

مڇي مار ٻليءَ جو مٿو گول هوندو آهي ۽ مٿي کان ڌڙ تائين 6 کان 8 سليٽي رنگ جا پٽاٿين ٿا، اهي پٽا مٿي کان ڪنڌ تائين هڪٻئي سان جڙيل هوندا آهن، پر جڏهن جسم ڏانهن وڌندا آهن ته ٽٽي  داغ ۽ چٽن جي صورت اختيار ڪري ويندا آهن. اهڙ اپٽا ٽنگن جي ٻاهرين پاسي پڻ هوندا آهن ۽ پڇ تي وري هلڪي ڀوري رنگ جا 5 کان 6 پٽا ڇلن جي صورت ۾ نظر ايندا آهن، جڏهن ته پُڇ جي چوٽي ڪاري رنگ جي ٿئي ٿي. جهنگلي توڙي پالتو، سڀ ٻليون مڇي ماري توڙي کائي سگهن ٿيون، پر هن ٻليءَ کي مڇي مار ان ڪري چيو ويندو آهي جو  بدڪن وانگر هن جي پيرن جون آڱريون هڪ جهليءَ سان ڳنڍيل  هونديون آهن،  جنهن ڪري هوءَ پاڻي ۾ آسانيءَ سان تري سگهي ٿي ۽ مڇيءَ  جو گهڻو شڪار پڻ  ڪري ٿي. هي ٻلي ڏاڍي طاقتور ۽ خونخوار ٿيندي آهي، ان ڪري مڇيءَ کان سواءِ سرهه، گڍ، ڪتا ۽ وڏن جانورن جا ٻچا پڻ ماري کائي ويندي آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته هي ٻلي انهن ٻارن کي به ماري وجهي ٿي، جن کي مائرون اڪيلو ڇڏي، جهنگ ۾ ڪاٺيون يا گاهه وغيره ڪنديون آهن. قدرتي ماحول ۾ مڇي مار ٻليءَ جو رويو هميشه حملي آور هوندو آهي، خطري جي حالت ۾ ڀڄڻ بجاءِ هي حملي کي ترجيح ڏيندي آهي.

مڇي مار ٻلي اڪثر ندين، ڍنڍن ۽ دريائن جي ڪنارن واري جهنگ ۾ نظر ايندي آهي، جتي پاهڻن جي اوٽ يا ڪنهن گهاٽي ٿٻ کي پنهنجو گهر ڪري رهندي آهي. جتي هوءَ  سال ۾ هڪ ڀيرو ٻچا ڪندي آهي. مڇي مار ٻلي هڪڙي پيٽ تي 2 کان 4 ٻچا ڏي ٿي، جن کي ڇهن مهينن تائين کير پياريندي آهي. ٻچن جي پرورش نر ۽ مادي گڏجي ڪندا آهن. پاڪستان ۾ هي ٻلي سنڌوءَ درياءَ، ناري، مکي، تربيلا، منڇر ۽ هاليجي ڍنڍ جي ڪنارن تي رهي ٿي، جڏهن ته پاڪستان کان ٻاهر هندستان، مليشيا ۽ ٿائلينڊ وغيره ۾ پڻ هن ٻليءَ جي وڏي آبادي موجود آهي.