ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13673   ڀيرا پڙهيو ويو

چيتو (Cheetah)


دنيا جون لغتون ان ڳالهه تي متفق آهن ته ”چيتو“ سنسڪرت زبان جي لفظ چِتراڪا (Chitraka) جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”چِٽن وارو“ پر اها پڻ غور طلب ڳالهه آهي ته لفظ ”چيتو يا چيٽو“ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’چِٽڪمرو‘. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اڄڪلهه گهڻي کان گهڻا چيتا آفريڪا کنڊ جي ميداني علائقن ۾ رهن ٿا، پر آڳاٽي دؤر ۾ جڏهن سنڌ ۽ هند ۾ چيتن جو وڏو تعداد موجود هو ۽ هتي جي ٻولي ۽ تهذيب پڻ شاهوڪار هئي، ممڪن آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو هي لفظ عالمي سڃاڻپ ٿي پيو هجي.

پنڊ پاهڻن (Fossils) تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جي راءِ آهي ته آفريڪا کنڊ ۾ ست ڪروڙ سال ۽ ايشيا ۾ يارهن ڪروڙ سال اڳ به چيتا موجود هئا. اڄ تائين لڌل ثابتين مان اها به خبر پوي ٿي ته آڳاٽي دؤر ۾ ڌرتيءَ تي چيتي جا چاليهه قسم موجود هئا. جن مان اڄڪلهه رڳو ٻه قسم وڃي بچيا آهن، تن مان هڪڙو آفريڪا ۾ آهي ۽ ٻيو ايشيا ۾ ملي ٿو. هنن سڀني جو قدبت ۽ وڙ وجهه هڪڙو ئي آهي. رڳو سندن رنگ روپ ۾ فرق آهي. ايشيائي چيتو پٿريلي رنگ جو پيلو ٿئي ٿو، جڏهن ته آفريڪي چيتو ڳاڙهو پيلو يا سونهري رنگ جو ٿيندو آهي، پر موروثي اثر سبب آفريڪي چيتي مان ٽن نمونن جا ٻچا ڄمن ٿا. جن مان سونهري ٻُر وارو چٽڪمرو چيتو عام هوندو آهي، پر ڪن ٻچن کي ٻُر گهڻي ٿيندي آهي، جيڪا آخر تائين قائم رهندي آهي. هن قسم جي چيتي کي ٻُر وارو چيتو (Wooly cheetah) چيو ويندو آهي، اهڙي ريت ڪي وري اهڙا ٻچا هوندا آهن، جن جي پٺيءَ تي ڪاري رنگ جا ٽي پٽا هوندا آهن. اهڙي قسم جي چيتي کي ”سردار چيتو“ (King Cheetah) چيو ويندو آهي.

 بهرحال چيتو ڪٿي جو به هجي، سندس قدبت ۾ ڪو گهڻو فرق نه هوندو آهي، البته نر ۽ مادي جي سڃاڻپ سندن مٿي مان ڪئي ويندي آهي. ڇو ته ماديءَ جي ڀيٽ ۾ نر جو مٿو ٿورو وڏو ٿيندو آهي. سمورن چيتن ۾ سردار چيتي کي سڃاڻڻ سولو آهي، جو سندس پٺيءَ تي ڪاري رنگ جا ٽي پٽا ٿين ٿا. پوءِ به چيتو آفريڪي هجي يا ايشيائي، هر هڪ جا چٽا ۽ پٽا هڪٻئي کان مختلف ٿين ٿا، جنهن ڪري جهنگلي جيوت جا ماهر کين سڃاڻي وٺندا آهن ته ڪهڙو چيتو  ڪهڙي نسل جو آهي؟ باقي چيتي جي خاص سڃاڻپ آهن اکين جي تُنري کان واڇ ڏانهن ويندڙ پٽا ۽ پڇ تي ڪاري رنگ جون چوڙيون.

چيتو، ببر شينهن وانگر گجگوڙ نه ڪندو آهي، هو ڪنهن وقت ٻليءَ جهڙا آواز ڪڍندو آهي ته ڪنهن وقت جهرڪي ۽ چانهه پکي جهڙا ته ڪنهن وقت وري ماڻهو جي کونگهرن جهڙا اهڙي ريت جملي 100 آواز ڪڍي ٿو.

چيتي جي دل، ڦڦر ۽ ناسون وڏيون ٿينديون آهن، انڪري دنيا جي سمورن جانورن ۾ واحد چيتو آهي، جيڪو تکي ۾ تکو ڊوڙي ٿو. سندس ڊوڙڻ جي وڌ کان وڌ رفتار 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ به ٿي سگهي ٿي.جڏهن شڪار سندس سامهون هوندو آهي. شروع ۾ هو ٻلين وانگر لڪي ڇپي ۽ پير پير تي ڏيئي شڪار کي وڌ کان وڌ ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جڏهن وڌ کان وڌ 50 ميٽر جي وٿيءَ تي پهچندو آهي ته اوچتي لوهه ڏيئي شڪار پويان ڪاهجي پوندو آهي ۽ جڏهن شڪار کي ويجهو پوندو آهي ته، ان وقت چنبو هڻي کيس ڪيرائي  وڃي ڳچيءَ ۾ چڪ وجهندو آهي. چيتو ٻين گوشت خور جانورن وانگر شڪار کي يڪدم نه کائيندو آهي. ڇو ته تيز ڊوڙڻ سبب سندس ساهه چڙهي وڃي ٿو ۽ جسم گهڻو گرم ٿي ويندو آهي، جنهن کي ٿڌي رکڻ لاءِ هو هڪ منٽ ۾ 150 ڀيرا ساهه کڻندو آهي، اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري چيتو هميشه شڪار کي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ کائيندو آهي. چيتو ڪڏهن به مئل جانور يا رکيل گوشت نه  ٿو کائي، هو بک لڳڻ تي هميشه نئون شڪار ڪري تازو گوشت کائيندو آهي. چيتو جن جانورن جو شڪار ڪندو آهي، انهن ۾ هرڻ،  اِمپالا، زيبرا، جهنگلي ڍڳيون ۽ انهن جا ٻچا شامل آهن. جيئن ته زيبرا ۽ جهنگلي ڍڳيون چيتي کان گهڻيون وڏيون هونديون آهن، ان ڪري اهڙن جانورن جو شڪار هو ٽولن جي صورت ۾ ڪندو آهي. چيتي جي ٽولي ۾ ٻن کان چار نر شامل هوندا آهن، جيڪي پاڻ ۾ ڀائر ٿين، مادي ڀيڻيون وري ماءُ سان گڏ يا اڪيلي سر پنهنجو ڌار ٽولو ٺاهينديون آهن. چيتا ڀلي ٽولي جي صورت ۾ شڪار ڪن، پر جتي شينهن ۽ چراخ هوندا آهن، اتي سندس شڪار اڌواڌ ڦُرجي ويندو آهي.

چيتن جو گهر نه ٿيندو آهي، هو پنهنجي جوءِ مقرر ڪندا آهن ۽ ان جوءِ جي سرحدن وٽ موجود ٻوٽن ۽ وڻن تي پيشاب ڪري ڇڏيندا آهن ته جيئن ٻيا جانور ان کي سنگهي اندازو ڪري سگهن ته هن جوءِ ۾ چيتا رهيل آهن. چيتا پنهنجي جوءِ جي ميداني علائقن ۾ پيا ڦرندا آهن، رڳو ماديون قدرتي غارن يا ڇپن جي اوٽ ۾ تڏهن وڃي رهنديون آهن، جڏهن کين ٻچا ڄمڻ وارا هوندا آهن، چيتي جي مادي 90 کان 98 ڏينهن جي وچ ۾ ٽي کان پنج ٻچا ڏيندي آهي، جيڪي 5 کان 6 هفتن اندر ماءُ سان گڏ هلڻ شروع ڪندا آهن، آفريڪي ميدانن ۾ ٻچن واري مادي جڏهن شڪار ڪندي آهي ته پويان ببر شينهن، چراخ، جهنگلي ڪتا يا باز سندس ٻچن کي ماري ويندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو چيتي جي ٻچن مان 25 کان 50 سيڪڙو بچندا آهن ۽ ٻيا مري ويندا آهن. چيتي جا ٻچا ماءُ کان شڪار ڪرڻ سکندا آهن ۽ 14 کان 20 مهينن اندر پاڻ مرادو شڪار ڪن ٿا. مادي ٻچا 20 کان 24 مهينن ۾ ۽ نر ٻن کان ٽن سالن ۾ بالغ ٿين ٿا. جهنگ ۾ رهندڙ چيتا سراسري طور 12 سال جيئن ٿا، جڏهن ته پالتو چيتو 20 سالن کان وڌيڪ عمر ماڻي سگهي ٿو.