ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13718   ڀيرا پڙهيو ويو

مصري مائو Egyptian Mau


مصري مائو قديم نسل جي ٻلين مان آهي. هن ٻليءَ جو اصل وطن مصر آهي. هن ٻليءَ جا ڪيترائي خاڪا مصر جي احرامن اندر اڪريل آهن. هنن خاڪن ۾ جادوئي ڳجهه سمايل آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن ٻلي کي Mau سڏيو وڃي ٿو، جنهن جو  مطلب آهي ”جادوئي ڳجهه“. ٿوري گهڻي ڦير گهير سان مصري مائو سان ملندڙ جلندڙ هڪ ٻيو نسل به ملي ٿو، جنهن کي ”آمريڪي ڪِيئُڊا“(American keuda)سڏجي ٿو.

مصري مائو جو رنگ گهڻو ڪري سليٽي ۽ ان جي مٿان ڪارا چٽا ٿيندا آهن ۽ سندس ٻُر ننڍي ٿئي ٿي. هن جي هڪ جنس اڇي سليٽي ۽ نيري رنگ جي ٿيندي آهي. هيءَ ننڍي ٻُر واري گروپ جي ٻلين سان تعلق رکي ٿي ۽ وچولي قد بت واري ٻلي آهي. هن ٻليءَ جو مٿو ۽ ڪن وڏا ٿيندا آهن. اکيون سايون يا وري پيليون سايون ٿين. سراسري ڊيگهه ٻه فوٽ ۽ هڪ نر جو وزن 5 کان 7 ڪلو گرام ٿيندو آهي. جڏهن ته ماديءَ جو وزن ساڍا ٽي کان 5 ڪلو گرام ٿئي ٿو. بنيادي طور ’مصري مائو‘  جو مزاج جهنگلي آهي، ان ڪري منجهس ڪيتريون ڳالهيون جهنگلي ٻلين واريون آهن. جهڙوڪ:  رفتار ۾ هي ٻلي گهريلو ٻلين جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيز آهي .

مصري مائو سنڌ ۾ پڻ جابجا نظر ايندي آهي. هي هڪ هوشيار ٻلي آهي. ماڻهو کيس گهرن ۾ پالين ٿا، پر  گهٽين ۽ بازارن ۾ اڪيلي سر گهمي ٿي. سندس ميائون جو آواز سريلو ۽ وڻندڙ هوندو آهي.

مصري مائو هڪ پيٽ تي 4 کان 6 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سندس سراسري عمر 14 سال ٿيندي آهي.