ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13658   ڀيرا پڙهيو ويو

سِفائنڪس ٻلي Sphynx cat


سِفائنڪس جو قدبت گهريلو ٻلي جيترو ٿئي ٿو.  هن جو اصل وطن ڪئناڊا آهي، جتي کيس ’ٺوڙهي ڪئناڊائي‘ (Canadian hairless) ۽ ’ڊان سفائنڪس‘ (Don Sphynx) جي نالن سان پڻ سڏيو وڃي ٿو.

هن ٻليءَ کي ٻُر ٿئي ئي ڪانهَ ۽ ڏسڻ ۾ به جهڙو ڪتو، پر آهي ٻلي! جيتوڻيڪ هن عجيب ۽ غريب ٻليءَ جي جسم تي ٻُر پڌري نه آهي، پر غور سان ڏسبو ته ننڍا ۽ ڇڊا وار سندس جسم تي جا بجا نظر ايندا. سِفائنڪس جا ڪن وڏا ۽ اکيون گول ٿين، جڏهن ته اکين جو رنگ هميشه جسم جي رنگ جهڙو  ئي ٿيندو آهي. دوستاڻي سڀاءُ ۽ کيڏڻ ڪُڏڻ سبب ماڻهو هن ٻليءَ کي ڏاڍو شوق سان پالين ٿا. البته سندس چمڙيءَ مان تيل جهڙو هڪ اڻ لکو رس نڪرندو آهي، جنهن کي ڇهڻ سان ماڻهو کي الرجي ٿي سگهي ٿي. ان ڪري جيڪي ماڻهو سِفائنڪس پاليندا آهن، اهي کيس ٻه کان ٽي ڀيرا روزانو سٺي صابڻ يا شيمپو سان وهنجاريندا آهن. ايڏي کِٽ ۽ شڪل صورت ۾ اسان کي هي ٻلي وڻي يا نه وڻي، پر اولهه وارن ملڪن ۾ سِفائنڪس کي سهڻين ٻلين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪري آمريڪا، ڪئناڊا، روس ۽ يورپ جي ٿڌن ملڪن ۾ هن جو گهڻو وڪرو ٿئي ٿو.

هي ٻلي يڪسري به ٿئي ته گاڏڙ ساڏڙ رنگن واري پڻ، پر عام طرح هن جا رنگ ڀورو، ڳاڙهو، ڪارو، پيلو، واڱڻائي ۽ ناسي وڌيڪ پسند ڪيا ويندا آهن.

سِفائنڪس گڊي يا ٻِسر نه آهي پر هي قديم نسل جي ٻلين سان تعلق رکي ٿي، جيتوڻيڪ ٻين ٻلين جي ميلاپ سان هن جي نئين جنس پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، پر اهي ٻچا ننڍا هوندي ئي مريو وڃن، ان ڪري سندس نسلي واڌ ويجهه رڳو پنهنجي نسل وارين ٻلين سان ئي ڪرائي ويندي آهي.