ٻليءَ جي نسل جا جانور

ڪتاب جو نالو ٻليءَ جي نسل جا جانور
ليکڪ خير محمد لغاري
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 969-8194-08-8
قيمت 150    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

5 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     13724   ڀيرا پڙهيو ويو

سِنو شُو ٻلي Snow shoe cat


هيءَ ، ٻلين جي ڪا قدرتي جنس نه آهي، پر ويهين صديءَ جي اڌ ڌاري ٿائي ۽ آمريڪي  (Shorthair(ٻلين جي ميلاپ مان پيدا ٿيل ٻسر آهي. هيءَ وچولي ۽ مضبوط مشڪن واري ٻلي آهي. سندس بنياد ي رنگ چاڪليٽي ۽ بادامي آهي، ان سان گڏ هن جا ڪجهه ٻيا رنگ به ٿين، جن ۾ سونهري، هيڊو واڱڻائي، اڇو ۽ ڪارو ذڪر جوڳا آهن. هن ٻليءَ جا ڪن ۽ پڇ وڌيڪ گهري چاڪليٽي يا بادامي رنگ جا ٿين ٿا، جڏهن ته بوناڙ، سينو ۽ پير گهڻو ڪري اڇا ٿيندا آهن ۽ سندس ٻُر ٿلهي ۽ لسي ٿيندي آهي.

سِنوشُو ٻليءَ جي مٿي کان پولهه تائين سراسري ڊيگهه تقريباً ٻه فوٽ ۽ وزن 4 کان 5 ڪلو گرام ٿئي ٿي.

سِنوشُو چست، دوست مزاج، گهڻو پيار ڪندڙ ۽ وفادار ٻلي آهي. اهڙي طبيعت ۽ مزاج جي لحاظ کان گهڻي پسند ڪئي وڃي ٿي. هن کي اڪيلائي اصل ڪانه وڻي، جنهن ڪري هميشه گهرڀاتين ۽ ماڻهن جي ميڙ ۾ رهي خوشي محسوس ڪندي آهي. هي ٻلي مالڪ جو ڌيان پاڻ  ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ ميائون ميائون ڪندي آهي. اهڙين انوکين عادتن سبب هي پالتو ٻلي دنيا ۾ گهڻي مشهور آهي ۽ وڏي شوق سان پالي وڃي ٿي.

’سِنو شُو‘ ٻليءَ جي مادي هڪ پيٽ تي 2 کان 4 ٻچا ڄڻي ٿي ۽ سندس سراسري عمر 14 سال ٿيندي آهي.